ٽريفڪ پوليس جي 88 سيڪڙو اهلڪارن وٽ به ڊرائيورنگ لائسنس نه هئڻ جو انڪشاف

ڪراچي (اين اين آءِ) ڪراچي ۾ ڊرائيونگ لائسنس نه هئڻ تي شهرين کي گرفتار ڪرڻ جي خوف ۾ مبتلا ڪندڙ ٽريفڪ پوليس جي 88 سيڪڙو اهلڪارن وٽ ڊرائيورنگ لائسنس نه آهن ۽ جن 12 سيڪڙو آفيسرن وٽ ڊرائيونگ لائسنس آهن اهي به سرڪاري گاڏي جاري ڪرڻ لاءِ مجبورن ٺهرايا ويا آهن ڪراچي جي ريد زون ۾ ڪيل هڪ سروي دوران ٽريفڪ پوليس جي 40 اهلڪارن جا انٽرويوز ڪيا ويا جن مان صرف 5 ٽريفڪ پوليس آفيسرن وٽ ڊرائيورنگ لائسنس نڪتا جڏهن ته ٻيا اهلڪار ڊرائيورنگ لائسنس نه رکڻ جا دلچسپ بهانا ڪندا رهيا هڪ پوليس آفيسر چيو ته مون وٽ لائسنس آهي پر جڏهن ان کي ڏيکارڻ لاءِ چيو ويو ته لائسنس نه ڏيکاري سگهيو هڪ بئي پوليس اهلڪار چيو ته ان وٽ 1988 کان ڊرائيورنگ لائسنس ٺهيل آهي پر جڏهن ان کي لائسنس ڏيکارڻ لاءِ چيو ويو ته پرس چيڪ ڪندو رهيو. پر لائسنس نه ڏيکاري سگهيو لائسنس ڏيکلارڻ جي نالي تي هڪ پوليس آفيسر جو پرس ڏيکاريندي هٿ ڏڪي رهيا هئا ڪيترائي پوليس اهلڪار سڄو ڏينهن موٽر سائيڪل تي گهمبندي نظر اچن ٿا پر جڏهن انهن کان لائسنس بابت پڇا ڪئي ويئي ته 60 سيڪڙو اهلڪارن چيو ته انهن وٽ موٽر سائيڪل ئي نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *