ٽرمپ جي صدر چونڊجڻ واري رات آمريڪا لاءِ شرمساري واري رات آهي: هاليووڊ اداڪار

لاس اينجلس (شوبز نيوز) آمريڪا ۾ صدارتي جنگ آخرڪار ختم ٿي وئي ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جي سرسي ثابت ٿي وئي، جنهن سبب ڪيترن ئي کي حيرت ٿي ۽ آمريڪا جي چونڊن بابت سوال ڪرڻ لڳا آهن. ان بابت هالي ووڊ اسٽارز سوشل ميڊيا تي پنهنجن جذبن جو اظهار مختلف لفظن سان ڪيو، ميڊيا رپورٽن موجب هالي ووڊ جي ڪيترن ئي سپر اسٽارز پنهنجن چاهيندڙن تي زور ڏنو هو ته هو ٽرمپ کي ووٽ نه ڏين ۽ هاڻ هنن لاءِ نتيجو هضم ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. هالي ووڊ اداڪار ڪرس ايوانز ڪافي مايوسي نظر آيو، هن موجب هيءَ آمريڪا لاءِ شرمساري واري رات آهي، اداڪار مارڪ چيو آهي ته سڄي آمريڪا جي عوام کي مضبوطي سان ڪم  وٺڻو پوندو. ليڊي گاگا چيو آهي ته آمريڪا لاءِ دعا جي ضرورت آهي، ڪيٽي پيري، ميڊونا ۽ ٻين هالي ووڊ ستارن به اهڙن جذبن جو اظهار ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *