ٽرانسپيرنسي جا الزام رد، بينچن ۾ عام ڪاٺ نه پر شيشم جو ڪاٺ آھي: سعيد غني

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري وزير سعيد غني چيو ته منهنجي وزير ٿيڻ کان اڳ فرنيچر جي خريداري جو ٽينڊر ٿيو هو ڊيسڪ خريداري جو سلسلو جڏهن مان وزير هيس ان وقت شروع ٿيو هو، سعيد غني سيد سردار شاهه سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته حقيقتون ماڻهن جي آڏو رکڻ اسان جي ذميواري آهي، ميڊيا تي اها ڳالهه آئي ته سنڌ ۾ تعليم کاتي فرنيچر خريد ڪرڻ ۾ ڪيترائي عرب رپيا هڙپ ڪيا، هي ٺيڪو منهنجي دور ۾ شروع ٿيو هو هن چيو ته اسڪول فرنيچر خريد ڪرڻ ۾ ڪيترن ئي اهم ماڻهن تي ٻڌل ڪميٽي ٺاهي وئي آئي بي اي سکر سميت مختلف ادارن جي سربراهه کي ڪميٽي جو ميمبر بڻايو ويو صوبائي وزير چيو ته هن ڪميٽي 2018 ۾ هڪ پروسس شروع ڪيو هو جيڪي بڊز ان وٽ آيون هيون ان کي ڪميٽي رد ڪري ڇڏيو هو هن چيو ته ڪميٽي جيڪو اندازو لڳايو هو ان حساب سان واڪ گهٽ ٿيا. هن سڄي معاملي تي ٽرانسپيرنسي انترنيشنل کي خط لکيو ويو سعيد غني چيو ته ڪميٽي ٽينڊرز رد ڪيا ۽ 2019 ۾ هڪ دفعو ٻيهر ٽينڊر ڏنا هن چيو ته سردار شاهه آگسٽ 2019 تائين تعليم جو وزير رهيو آگسٽ کان فيبروري 2020 تائين تعليم کاتو سنڌ جي وڏي وزير وٽ رهيو. سعيد غني چيو ته منهنجي دور ۾ وڏين ڪمپنين ٻوليون لڳايون ان وقت بينچن جي ٻولي 21 کان 26 هزار جي وچ ۾ لڳائي وئي هئي هن چيو ته پروڪيورمينٽ ڪميٽي سيپرا جي بنيادي اصول تي ڊسڪس ڪيو جنهن جي رول مطابق سٺو سامان خريد ڪرڻ ضروري آهي سعيد غني چيو ته پروڪيورمينٽ ڪميٽي اي ون گريڊ جي شيشم جي ڪاٺ جو استعمال ڪرڻ لاءِ چيو هن چيو هڪ صاحب ان حوالي سان ڪورٽ ۾ ويو ڪورٽ جيڪو آرڊر ڏنو اهو کاتي کي نه پهچايو هن چيو ته ان صاحب توهين عدالت جو ڪيس داخل ڪيو جسٽس صلاح الدين پنهور صاحب کي سيڪريٽري ايجوڪيشن ٻڌايو ته هاءِ ڪورٽ جو اسٽي آرڊر آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *