ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل کي پنهنجي ساک جو جائزو وٺڻ گهرجي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته انٽرنيشنل ٽرانسپيرنسي رپورٽ تي مخالف ڌر خوش ٿي رهي آهي، سنڌ ۾ ڪرپشن تاريخ ۾ سونهري لفظن ۾ محفوظ آهي، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي ڪريڊ ايبلٽي تي تجزيو ڪرڻ ضروري آهي، اٽي جي کوٽ جو ڪو اشو ناهي، ڊمانڊ ۽ سپلائي گهٽ ٿيڻ جي بحران پيدا ٿيو، حڪومت مافيا ۽ ذخيرو ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي ڪري رهي آهي، هن چيو ته مخالف ڌر وزيراعظم ۽ موجوده حڪومت تي تنقيد ڪري رهي آهي، اها پارٽي به تنقيد ڪري رهي آهي جنهن جي هڪ صوبي ۾ حڪومت آهي، اها پارٽي پنهنجو پاڻ کي پاڪستان کان ڌار سمجهي رهي آهي، هن چيو ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي پنهنجي ٽرانسپيرنسي تي سواليا نشان آهي، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل ۾ ڊيٽا گڏ ڪندڙ ڳٺ جوڙ کي ايڪسپوز ڪرڻ ضروري آهي، هن چيو ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جون ڪڙيون ڪرپشن ڪندڙن پارٽين سان ملن ٿيون، هن چيو ته گذريل حڪومتون پنهنجي حمايت ۾ اهڙيون رپورٽون لکرائينديون رهيون، هن چيو ته پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ٽرانسپيرنسي کي هيڊ ڪندڙ شخص نواز حڪومت کي پزيرائي ڏني، نواز شريف ان ئي شخص کي سفير مقرر ڪيو، هن چيو ته اسان جو ڏوهه اهو آهي ته اسان ان شخص کي واڌ نه ڏني، هو وقت تي رٽائرڊ ٿيو ۽ اها ڪهڙي رپورٽ آهي ته جنهن ۾ چيو ويو ته مشرف دور ۾ ڪرپشن گهڻي ٿي ۽ نواز دور ۾ گهٽ ٿي، فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڊاڪٽر عدنان يو ڪي جي ڪنهن ليبارٽري مان ميان صاحب جي رپورٽ پيش ڪري، هن چيو ته ڪيمرامين جو لاڏاڻو هڪ افسوسناڪ آهي، گذريل ڏينهن صحافين جي احتجاج ۾ شامل نه ٿي سگهيس، مزدور کي مزدوري پگهر سڪڻ کان اڳ ملڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪو ادارو پگهار نٿو ڏئي ته ناانصافي جو خاتمو اسان جي ذميواري آهي، هن چيو ته مان ڪيمرامين جي لاڏاڻي تي سندس گهر وينديس، ڪوشش ڪنداسين ته اهڙي ناانصافي تي قانونسازي ڪئي وڃي، ڪو به چينل هجي ته ڪنهن کي حق ناهي ته ڪنهن جو حق کائي، هن چيو ته پيمرا جڏهن لائسنس ڏئي ٿو ته ڇا ادارو فنانشل ايترو مضبوط آهي جو پگهار ڏئي سگهي، هن چيو ته اهڙو لائحه عمل جوڙي رهيا آهيون جو پيمرا اهڙي چينل کي بند ڪري قانوني ڪارروائي ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *