ٽرانسپورٽيشن اينڊ لاجسٽڪس پاران ڪراچي شهر ۾ ٽريفڪ جي رش کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اهم فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽرانسپورٽيشن اينڊ لاجسٽڪس پاران ڪراچي شهر ۾ ٽريفڪ جي رش کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اهم فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن تحت ڪي پي ٽي ۾ ايندڙ ڪنٽينرز کي ٻئي هنڌ منتقل ڪيو ويندو، اهڙي فيصلي سان ڪراچي جي روڊن تي وڏي گاڏين واري هجوم ۾ گهڻي حد تائين گهٽتائي اچي ويندي. سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي جي سربراهي ۾ ڪميٽي فيصلو ڪيو ته پپري مارشلنگ يارڊ جي شروع ٿيڻ بعد ڪي پي ٽي ۾ ايندڙ سمورن ڪارگو ڪنٽينرز کي  بانڊڊ پپري مارشلنگ يارڊ ۾ منتقل ڪيو ويندو. ريلوي واري وفاقي وزير اعظم سواتي،  وفاقي وزير غلام سرور خان، واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود، چيئرمين پورٽ قاسم ريئر ايڊمرل سيد حسن ناصر شاهه، چيئرمين ڪي پي ٽي نادر ممتاز، چيئرمين پي اين ايس سي  رضوان خان، چيئرمين اوگرا مسرور خان ۽ ٻين عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ هيلي ڪاپٽر لائسنسنگ پاليسي، ڪي پي ٽي کان پپري ڊيڊيڪٽڊ فريٽ ڪوريڊور، پورٽ قاسم ڪراچي تي ڪيو فليڪس ويسلز، هائڊرو ڪاربن تي بندرگاهن تان وصول ٿيندڙ چارجز ۽ پورٽ قاسم ۾ پي بي آءِ ٽي ٽرمينل کان نئي ريل لنڪ تي به تفصيل سان غور ويچار ڪيو ويو. سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير عملدارن کي هدايت ڪئي ته ڪميٽي جي ايندڙ اجلاس ۾ سمورن ايجنڊائن تي عملدرآمد ڪندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *