ٽائيگر گهڻو آرام سان هلڻ وارو ماڻهو آهي: ڊيشا پٽاني

ممبئي (شوبز نيوز) ڊيشا پٽاني ۽ ٽائيگر شروف باليووڊ انڊسٽري سڀ کان وڌيڪ خبرن ۾ رهندڙ جوڙين مان هڪ آهن، ٻئي اداڪار پنهنجي/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 36

لاڳاپن بابت گهڻي عرصي تائين نه ڳالهائڻ کانپوءِ هاڻ آهستي آهستي ان بابت وضاحت ڪندي نظر اچي رهيا آهن. ڊيشاتازي ڏنل انٽرويو ۾ ٻڌايو ته ٽائيگر گهڻو آرام سان هلڻ وارو ماڻهو آهي، مان گهڻي عرصي کان کيس متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهيان. مون جمناسٽڪ سکي آهي، ان کانسواءِ مان هڪ اهڙي فلم ۾ به ڪم ڪيو آهي، جنهن جي هڪ سين ۾ مون خطرناڪ اسٽنٽ ڪيا، هو اڃا متاثر نه ٿيو آهي، هاڻ مان ان لاءِ ڇا ڪريان. ڊيشا پٽاني وڌيڪ چيو ته مان ٽائيگر لاءِ هڪ دوست کان وڌيڪ ٿيڻ چاهيان ٿي، پر کيس متاثر ڪرڻ تمام ڏکيو آهي. ٽائيگر منهنجو تمام سٺو دوست آهي پر مان نه ٿي چاهيان ته ٽائيگر رڳو منهنجو دوست ئي رهي، هو ان کان وڌيڪ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *