ٽائيگر نيٺ ديشا خلاف واسطن بابت زبان کولي ورتي

ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ اداڪار ٽائيگر شروف ڪرن جوهر جي شو ”ڪافي ود ڪرن“ جي ڇهين سيزن ۾ شريڪ ٿيو، جتي ڪرن جوهر پنهنجي منفرد انداز سان کائنس تازين سرگرمين بابت گهڻا سوال ڪيا. ان دوران ٽائيگر پاران ديشا پٽاني سان سندس لاڳاپن بابت پڻ سوال ڪيا ويا، جنهن تي ”باغي“ جي اداڪار گهڻو دلچسپ جواب ڏيندي چيو ته هو ان بابت گهڻو نه ڳالهائيندا آهن پر ديشا سندس بهترين دوست آهي. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي جي پسند ناپسند ساڳي هئڻ سبب مونکي سندس صحبت وڻندي آهي. اها به هڪ حقيقت آهي ته ٽائيگر کي انڊسٽري ۾ تمام گهٽ دوست آهن، هن چيو ته ديشا منهنجي انهن ڪجهه دوستن مان آهي، جن سان مونکي سڪون ملندو آهي. ٽائيگر ۽ ڊيشا پٽاني اڪثر پارٽيز ۾ گڏ ڏٺو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *