ٽائيگر شروف تي قسمت مهربان، باغي ٿري ۾ به ڪاسٽ

 

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي نوجوان اداڪار ٽائيگر شروف تي قسمت جي ديوي اڄڪلهه تمام گهڻي مهربان آهي، ۽ اهو ئي سبب آهي جو کيس هڪٻئي پويان لاڳيتو فلمون ملي رهيون آهن. ان جو ثبوت اهيو آهي ته ٽائيگر شروف جي فلم باغي ٽو اڃا تائين رليز نه ٿي آهي، پر فلم ميڪر فلم جو ايندڙ سيڪوئل باغي ٿري ٺاهڻ جو اعلان ڪندي ان ۾ به ٽائيگر شروف کي ڪاسٽ ڪري ڇڏيو آهي.ميڊيا جي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٽائيگر شروف هن وقت باغي ٽو جي حوالي سان تمام گهڻو مصروف آهي، ۽ هن وٽ ٻئي ڪم لاءِ ترت ڪو وقت ناهي، پر ان هوندي به هن وٽ هالي ووڊ فلم ريمبو جي هندي ورجن واري فلم پڻ آهي، پر ان هوندي به هو باغي ٿري جي لاءِ پهرين ۽ آخري ترجيح بڻيل آهي. فلم ميڪر احمد خان ميڊيا کي آگاهي ڏني آهي ته هو باغي ٿري پڻ ٺاهي رهيو آهي ۽ ان ۾ هڪ ڀيرو وري مرڪزي ڪردار ٽائيگر شروف ئي ڪندو. هن ٻڌايو ته فلم جي شوٽنگ هلندڙ سال ڊسمبر کان شروع ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *