ٽاءِ ٽينڪ فلم جي رليز کي 20 سال مڪمل: ٻيهر نمائش جو اعلان

لنڊن( شوبز نيوز ) هالي ووڊ جي مشهور فلم ” ٽاءِ ٽينڪ“ جو جادو 20 سالن کان پوءِ به وسرڻ جهڙي ناهي جنهن جو مثال هر محبت ڪرڻ وراو ضرور ڏيندو آهي. هاڻ مداحن لاءِ خوشخبري آهي ته سڄي دنيا ۾ محبت جي نئين مثال رقم ڪرڻ واري فلم ” ٽاءِ ٽينڪ“ جلد ئي ٻيهر نمائش لاءِ پيش ڪئي پئي وڃي. تازو ئي فلم جي هدايتڪار جيمز ڪيمرون ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ مداحن کي آگاهه ڪيو آهي ته رومانوي فلم ” ٽاءِ ٽينڪ“ هڪ ڀيرو ٻيهر پيش ڪئي پئي وڃي جيڪا هلندڙ سال پهرين ڊسمبر تي پنهنجو جادو آمريڪن مووي ٿيٽر ( اي ايم سي) ۾ وکريندي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته فلم ” ٽاءِ ٽينڪ“ ٻيهر ڏسڻ ۾ به ائين لڳندي ڄڻ پهريون ڀيرو ئي ڏٺي پئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *