ٽئين فيصلي ۾ مون کي اليڪشن وڙهڻ کان نااهل ڪيو ويندو: نواز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي وزيراعظم محمد نوازشريف چيو اهي ته پارٽي صدارت مان ڪڍڻ پري پول ڌانڌلي آهي (ن) ليگ کي سينيٽ اليڪشن کان محروم ڪيو پيو وڃي ڪارن اکرن وارا ڪافي فيصلا آهن ٽيون فيصلو به اچي رهيو آهي جنهن ۾ مون کي اليڪشن وڙهڻ کان نااهل ڪيو ويندو گارڊ فادر سسلين مافيا چور ڦورو سڏيو ويو پوءِ ٻئي ڏينهن چيو وڃي ٿو ته سياسي ليڊرن جو احترام آهي جي آءِ ٽي جي سوالن جو جواب آهستي آهستي ملي رهيو آهي جمعي تي احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي نوازشريف چيو ته مون کي اوهان پارٽي جي صدارت تان ڪڍي رهيا آهيو ٽيون فيصلو به اچي رهيو آهي جنهن ۾ مون کي اليڪشن وڙهڻ کان به نااهل ڪندا ۽ مون کي خبر آهي ته هي مون کي اليڪشن وڙهڻ کان به محروم ڪندا. هن چيو ته ڪارن اکرن وارا ڪافي فيصلا آهن نٿو سمجهان ته اهڙو ڪوئي فيصلو آهي جيڪو سنهري اکرن سان لکيو وڃي پارٽي صدر کي ڪڍڻ پري پول ڌانڌلي آهي (ن) ليگ کي سينيٽ اليڪشن کان محروم ڪيو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *