ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جو بار گهٽائڻو آهي، وڪيل تياري ڪن: چيف جسٽس عمر عطا بنديال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس عمر عطا بنديال 28هين چيف جسٽس آف پاڪستان جي عهدي جو حلف کڻي ورتو. ايوان صدر اسلام آباد ۾ ٿيل تقريب ۾ صدر عارف علوي جسٽس عمر عطا بنديال کان چيف جسٽس جي عهدي جو حلف ورتو. وزيراعظم عمران خان به جسٽس عمر عطا بنديال جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ڪئي، گڏوگڏ هٿياربند فوج جا سربراهه، جج، وڪيل، وفاقي وزير توڙي ٻيون اهم شخصيتون تقريب ۾ شريڪ ٿيون. فل ڪورٽ ريفرنس سان خطاب ڪندي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته جج پنهنجي اصلاح ڪندا آهن، تنهن ڪري جسٽس فائز عيسيٰ ڪيس ۾ اقليت اڪثريت ۾ تبديل ٿي، عدالتي فيصلي خلاف سوشل ميڊيا تي طوفان مچايو ويو. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي ججن خلاف ذاتي تنقيد ڪئي پئي وڃي، بار ججن تي تنقيد خلاف ڪردار ادا ڪري، ان کان اڳ جو عدالت نوٽيس وٺي.نئين چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جو چوڻ آهي ته ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جو بار گهٽائڻو آهي تنهن ڪري وڪيل تياري ڪري عدالت اچن ۽ التوا وٺڻ کان پاسو ڪن. سپريم ڪورٽجي چيف جسٽس جي حيثيت سان عدالت آمد تي وڪيلن طرفان جسٽس عمر عطا بنديال کي مبارڪون ڏنيون ويون. وڪيلن جو چوڻ هو ته اوهان کي ڀليڪار چئون ٿا جڏهن ته چيف جسٽس عمر عطا بنديال سندن ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اوهان جهڙن وڪيلن جو ساٿ خوشي جو سبب آهي. ان موقعي تي چيف جسٽس جو اهو به چوڻ هو ته التوا هيٺ ڪيسن جو بار گهٽائڻو آهي، وڪيل تياري ڪري اچن ۽ التوا کان پاسو ڪن. ان موقعي تي سينيئر وڪيل نعيم بخاري جو چوڻ هو ته مان اوهان جي ريٽائرمينٽ جو انتظار ڪندس ته جيئن اوهان سان ٻيهر ملاقات ٿي سگهي. اهڙي ڳالهه تي چيف جسٽس ٽهڪ به ڏنو. خيال رهي ته جسٽس عمر عطا بنديال سپريم ڪورٽ جي اٺاويهين چيف جسٽس جي حيثيت سان حلف کنيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *