ٻڌايو وڃي ته سول، غير سول ۽ فوجي ادارا ڪهڙي قانون تحت فون ٽيپ ڪري رهيا آهن: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) سـُپريم ڪورٽ، اڳوڻي چيف جسٽس سجاد علي شاهه جا فون ٽيپ ڪرڻ بابت پراڻي درخواست تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ۾ چيو آهي ته ٻڌايو وڃي ته سول، غير سول ۽ فوجي ادارا ڪهڙي قانون تحت فون ٽيپ ڪري رهيا آهن، بينظير ڀٽو جي حڪومت جي خاتمي پٺيان به فون ٽيپنگ اسڪينڊل جون ڳالهيون هليون هيون. جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جـِي ٽـَي رڪني بينچ، اڳوڻي چيف جسٽس سجاد علي شاهه جا فون ٽيپ ڪرڻ بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران عدالت ڊپٽي اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته فون ٽيپنگ جي حوالي سان ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. جسٽس ثاقب نثار پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙا کاتا فون ٽيپ ڪري رهيا آهن، سول، غير سول ۽ فوجي ادارا جيڪڏهن فون ٽيپ ڪن پيا ته اهي ڪهڙي قانون تحت فون ٽيپ ڪن پيا. جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ۾ اهو به چيو ته بينظير ڀٽو جي حڪومت جي خاتمي پٺيان به فون ٽيپ اسڪينڊل جون ڳالهيون سامهون آيون هيون. عدالت، ڊپٽي اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته آءِ بي ۽ آءِ ايس آءِ سان رابطو ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جنهن بعد ٻڌڻي ٽن هفتن تائين ملتوي ڪئي وئي. واضح رهي ته اڳوڻي چيف جسٽس سجاد علي شاهه جا فون ٽيپ ڪرڻ بابت 1996 ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *