ٻيٽن جي سيڙپڪاري سنڌ کي ملندي، فلاح جا منصوبا شروع ٿي سگهن ٿا: شبلي فراز

ڪراچي (اين اين آءِ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پاڪستان ۾ بدعنواني جي شرح ۾ واڌ بابت ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي تازي رپورٽ جي باري ۾ چيو آهي ته اسان ڪيترائي ڀيرا چئي چڪا آهيون ته بدعنواني جون پاڙون ملڪ ۾ ان قدر گهريون آهن جو انهن کي رڳو اڍائي سالن ۾ ختم نٿو ڪري سگهي. ڪراچي ۾ تحريڪ انصاف جي ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته اسان رڳو ايترو چئي سگهون ٿا ته وزير اعظم عمران خان جي ڪا به صنعت ناهي ۽ نه ڪو واپار پر ماضي ۾ وزير اعظم واپار سان گڏ اقامي تي نوڪريون ڪري رهيو هو. شبلي فراز چيو ته سينيٽ جي چونڊن ۾ ڪرپشن جو تاثر پيدا ٿيندو جنهن سان ملڪ جي باري ۾ بدعنواني جي درجابندي متاثر ٿيندي ان ڪري اسان جي ڪوشش آهي ته شيون بهتر ٿين. سنڌ ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٻين صوبن کي ملندڙ گيس اٽي ۾ لوڻ جي برابر آهي. شبلي فراز آدم شماري جي حوالي سان چيو ته سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان مشاورت شامل ٿيندي ۽ وفاق به پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. جن سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته هنن روشنين جي شهر کي کنڊرات ٺاهي ڇڏيو آهي. شبلي فراز چيو ته جيڪي حڪومتون سنڌ تي مڙهيون آهن انهن جي ڪرپشن بابت داستان سڄي ملڪ ۾ مشهور آهن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس وبا جي معاملي ۾ به وفاق جي مخالفت ڪئي ۽ پنهنجي عمل سان معاشي بحران پيدا ڪري ڇڏيو ۽ ڪڻڪ جي جاري نه ڪري سڄي ملڪ ۾ ڪڻڪ جو بحران پيدا ڪيو. ٻيٽن واري معاملي تي پيپلز پارٽي جي صوبائي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي شبلي فراز چيو ته ٻيٽن جي ڪري سيڙپڪاري سنڌ کي ملندي ۽ ان سان فلاح و بهبود جا منصوبا شروع ٿي سگهن ٿا پر صوبائي حڪومت جو عوام جي مفادن سان ڪو به تعلق ناهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *