ٻين ڪيترن ئي مامرن باوجود خاص راند جي ڏس ۾ ان کي خوشيءَ جوڳو عمل قرار ڏبو :راهول ڊريوڊ

ممبئي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان- انڊيا ڪرڪيٽ لاڳاپا بحال ٿيڻ جو حامي اڳوڻي ڪپتان راهول ڊريوڊ چيو ته ٻين ڪيترن ئي مامرن باوجود خاص راند جي ڏس ۾ ان کي خوشيءَ جوڳو عمل قرار ڏبو. آءِ پي ايل فرنچائيز راجسٿان رائلز جي هڪ پريس ڪانفرنس دوران ڳالهائيندي ڊريوڊ چيو ته هو ڪرڪيٽ جي نقطه نظر سان هن پاڪ-ڀارت سيريز کي سدائين ساراهيو آهي، پر هيءَ سيريز ڪرڪيٽ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ اهميت واري آهي. سڪيورٽي ۽ سياسي صورتحال کي نظر ۾ رکندي بهتر آهي ته ٻئي بورڊ ئي ان جو فيصلو ڪن. تازو ئي ڀارت جو دورو ڪندڙ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سربراهه شهريار خان بي سي سي آءِ صدر جڳموهن ڊالميا سان ڪلڪتي ۾ هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران هلندڙ سال جي ڊسمبر ۾ يو اي اِي ۾ 3 ٽيسٽون، 5 ون ڊي  ۽ 2 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل مڪمل سيريز جي صلاح پيش ڪئي هئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *