ٻين کي خوش ڪرڻ لاءِ پنجاب ۾ نيب کي ڪارروائي ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين: راڻا ثناءُ الله

لاهور (م.ڊ) پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ٻين کي خوش ڪرڻ لاءِ پنجاب ۾ نيب کي ڪارروائي ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، جڏهن ته نيب هن وقت جوڙجڪ واري مرحلي ۾ آهي، تنهن ڪري ان کي احتياط سان ڪارروايون ڪرڻ گهرجن. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته نيب کي جنهن رٿا بابت وڻي، ان بابت جاچ ڪري پر ڪارروائي کان پهرين پڪا ثبوت ڏنا وڃن ته ڪو اعتراض ناهي ، نيب کي پنهنجو ڪم ذميواري سان ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم خلاف ٺاهيل ريفرنس بي بنياد آهن، جيڪڏهن وزيراعظم ادارن کي ڪارروائي بهتر بڻائڻ جو نه چوندو ته ٻيو ڪير چوندو؟ هن چيو ته وزيراعظم ايگزيڪيوٽو آهي ۽ هو نيب کي هدايتون ڏئي سگهي ٿو، هن جيڪي ڪجهه چيو، ان کي هاڪاري انداز ۾ ڏسڻ گهرجي. صوبائي وزير چيو ته نيب پنجاب ۾ جيترو به سرگرم ٿيڻ چاهي، ان جي آجيان ڪنداسين پر پنجاب ۾ هڪ ٽڪي جي به ڪرپشن ناهي، رٿائون شفاف نه هجن ته اسان جوابدا آهيون، جيڪڏهن اورينج ٽرين رٿا ۾ ڪرپشن ٿي آهي ته اها سامهون آندي وڃي. هن چيو ته مشرف حڪومت جيڪي ريفرنس ٺاهيا، انهن ۾ ڪرپشن ثابت نه ٿي سگهي، راڻا ثناءُ الله چيو ته جيڪڏهن اهو ڇيو وڃي ته نيب ٻين صوبن ۾ ڪارروائي ڪري ٿو ته پنجاب ۾ به ٿيڻ گهرجي ته اسان ائين ٿيڻ نه ڏينداسين،نيب کي توازن برقرار رکڻ لاءِ ڪنهن به صورت ۾ ڪارروائي ڪرڻ نه ڏني ويندي. راڻا ثناءُ الله چيو ته نندي پور رٿا ۾ ڪيتري ڪرپشن ٿي، نيب ڇا ثبات ڪيو آهي؟ پنجاب اندر حڪومتي رٿائن ۾ هڪ ٽڪي جي به ڪرپشن ناهي ٿي، هن چيو ته پهرين ميٽرو بس ۽ هاڻ اورينج ٽرين تي وڏو گوڙ ڪيو پيو وڃي، ڪرپشن جون غضب ڪهاڻيون ڇپجنديون رهيون آهن، ٻڌايو وڃي ته هاڻ ڪهڙي غضب ڪهاڻي سامهون آئي آهي؟ نيب شروعاتي جاچ کانپوءِ ڪيس داخل ڪري. هن اهو به چيو ته پنجاب جي ڪنهن به شهر ۾ ڪراچي جهڙيون حالتون ناهن پر جيڪڏهن ضرورت پئي ته رينجرز ۽ فوج کي به گهرائي سگهجي ٿو. داعش جي حوالي سان پنجاب جي قانون واري وزير چيو ته داعش جو ڪوبه گڏيل نيٽ ورڪ ناهي، هتان رڳو ڪجهه ماڻهو شام ويا آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن کي اڳواٽ ڪارروائي ڪري شام وڃڻ کان روڪيو ويو، هن چيو ته اها ڳاله يقيني بڻائي وئي آهي ته پاڪستان ۾ داعش جون سرگرميون نه پکڙجن، جڏهن ته داعش جي تنظيمي ڍانچي جي حوالي سان به حڪومت جي سامهون ڪي ثبوت ناهن،راڻا ثناءُ الله چوڻ هو ته دهشتگردي کي روڪڻ ۾ آئي ايس آئي جو وڏو ڪردار آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *