ٻين جي آسري ۾ ناهيون، غلطين جي گنجائش ناهي، سڀاڻي ڀرپور تياري سان ميدان ۾ لهنداسين: سرفراز احمد

 

لنڊن (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ٽيم غلطين مان سبق سکي ورتو، هاڻي بنگلاديش خلاف ڀرپور تياري سان ميدان ۾ لهنداسين.لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سرفراز احمد چيو ته ڀارت خلاف ميچ کان پوءِ سڀني رانديگرن کي گڏ ڪري ڳالهايو ته ٽيم توڙي مينيئجمنٽ جي ڀرپور محنت باوجود ڪٿي غلطيون ڪري رهيا آهيون؟ ۽ سٺي ٽيم طور سٺي پرفارمنس جو مظاهرو نه پيا ڪيون، پنهنجي مسئلن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ سينيئرن ۽ جونيئرن سڀني چيو ته گذريل ميچن ۾ جيڪو به ٿيو اهو وساري ايندڙ ميچن لاءِ نئين عزم سان ميدان ۾ لهنداسين، ان کان پوءِ پاڪستان بهتر ٽيم طور ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ڪاميابيون حاصل ڪيون.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٻين ٽيمن جي ميچن جو نتيجو اسان جي ڪنٽرول ۾ ناهي، اسان جو ڌيان پنهنجي پرفارمنس تي آهي، بنگلاديش خلاف ميچ کان اڳ وقفو هجڻ سبب تياري جو سٺو موقعو ملي ويو، آخري ميچ ۾ به ڪاميابي جو تسلسل برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪنداسين.سرفراز احمد جو چوڻ هو ته انگلينڊ ۾ پرستارن ۽ پاڪستاني عوام جي سپورٽ سان رانديگرن جو حوصلو وڌيو آهي، اميد آهي ته بنگلاديش خلاف ميچ ۾ به سندن حوصلو برقرار رهندو.هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ڪپتان چيو ته حارث سهيل 5 نمبر تي بيٽنگ ڪندي ٽيم لاءِ گھڻو بهتر پرفارم ڪري سگھي ٿو، ان ڪري کان آئون پوءِ  بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، مون سميت ڪنهن جي به بيٽنگ نمبر کان وڌيڪ ٽيم جي مفاد ۾ فيصلن جي اهميت آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *