ٻوڏ متاثر اڪيلا ناهن، سندن بحالي تائين سک سان نه ويهنداسين: وزيراعظم

inp 01-97وزيرآباد (م.ڊ/اين اين آءِ) وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته ٻوڏ متاثر اڪيلا نه آهن وزير اعظم ۽ پنجاب جو وڏو وزير سندن مالڪي ڪري رهيا اهن متاثرن کي بحال ڪرڻ تائين سک سان نه ويهنداسين وقت اچي ويو آهي ٻوڏ کي روڪڻ لاءِ خاص حڪمت عملي جوڙي وڃي ٻوڏ کي روڪڻ لاءِ قومي ڪميٽي کي جوڙڻ اهم آهي متاثرن کي 25 هزار رپين جي پهرين امدادي قسط جاري ڪئي پئي وڃي سڀني کي عيد کان اڳ پئسا ملي ويندا 20 آڪٽوبر تي ٻي قسط جاري ڪئي ويندي اربع تي هتي وزيرآباد ۾ ٻوڏ متاثرن جي پهرين امدادي قسط ورهائڻ جي موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته وقت اچي ويو آهي ته انتظام ڪيا وڃن ٻوڏ اچڻ کان اڳ ان کي ڪيئن روڪجي ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن جتان سيلاب شيروع ٿئي ٿو ۽ جتي سمنڊ ۾ وڃي ختم ٿئي ٿو ٻوڏ کي روڪڻ لاءِ قومي ڪميٽي جوڙڻ اهم آهي وزيراعظم چيو ته ٻوڏ کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آي اربين کربين رپيا به خرچ ٿين ته ڪرڻا پوندا هي پئسو خرچ ڪرڻ واجب آهي وزيراعظم چيو ته اسان کي سوچڻو پوي ٿو ته پئسا پهريان اتر وزيرستان ۾ آپريشن سبب لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن يا ٻوڏ متاثرن تي خرچ ڪيا وڃن اها اهو به سوچون ٿا ته پئسا بجلي جا ڪارخانا لڳائڻ لاءِ خرچ ٿيڻ گهرجن يا ايجوڪيشن، علاج ۽ اسپتالن تي خرچ ڪيا وڃن ڇو ته اسان وٽ ايتري رقم نه آهي جو سڀني تي گڏ خرچ ڪيو وڃي پئسن جي اڻهوند سبب خرچ ڪرڻ کان اڳ سوچڻو پوي ٿو الله تعاليٰ اسان جي ملڪ تي رحم ڪري ۽ اسان کي توفيق عطا فرمائي ته اسان سمورن معاملن تي توجهه ڏيئي سگهون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *