ٻوڏ جي بچاءَ واري پاليسي تحت ٿورو ڪم وقت اندر ڪيو وڃي ته وڏي نقصان کان بچي سگهجي ٿو : مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس ٻوڏ جي بچاءَ واري پاليسي اهڙي ريت آهي جيڪڏهن ٿورو ڪم وقت اندر ڪيو وڃي ته وڏي نقصان کان بچي سگهجي ٿو. `A stitch in time saves nine’ ۽ اها پاليسي بندن خاص طور تي حساس هنڌن جي مرمت ۽ سارسنڀال وارن ڪمن لاءِ اپنائڻ گهرجي. هن اها ڳالهه اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ ٻوڏ واري صورتحال بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ سيڪريٽري آبپاشي سيد جمال شاهه، اسپيشل سيڪريٽري جنيد ميمڻ، ايم ڊي سيڊا محمد خان نظاماڻي، چيف انجنيئر گڊو بئراج فاروق چنار، چيف انجنيئر ڀائي خان لاکو، چيف انجنيئر سکر بئراج رائٽ بينڪ اعجاز شيخ، چيف انجنيئر ڪوٽڙي بئراج عبدالقادر پليجو، چيف انجنيئر (ترقيات) ارشاد ميمڻ ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر شهباز اختر شريڪ هئا. هن چيو ته هن فلڊ سيزن جي شروع ٿيڻ کان اڳ ڪيترائي اجلاس گهرايا ۽ پري آبڪلاني سيزن لاءِ انتظام ۽ حساس هنڌن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ضروري هدايتون جاري ڪيون. سيڪريٽري آبپاشيءَ وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته 9 آگسٽ (اڄ) اپ اسٽريم گڊو بئراج ۾ ڊسچارج پوزيشن 456521 ڪيوسڪ آهي جڏهن ته ڊائون اسٽريم ۾ 453380 ڪيوسڪ آهي. هن چيو ته سنڌو درياهه جي مختلف بندن تي 48 حساس هنڌ آهن. وڏي وزير جي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حساس هنڌن جو تعين مٽيءَ جي جزن، پراڻي گهارن وارن هنڌن، تاريخي ليڪس ۽ ڇولين جي رفتار کي ڏسندي ڪيو ويندو آهي. سيد جمال شاهه چيو ته سکر بئراج وٽ 27 حساس هنڌ آهن جن مان 9 ليفٽ بينڪ ۽ 18 لاڙڪاڻي ريجن جي رائيٽ بينڪ تي آهن. گڊو بئراج ريجن سکر ۾ 6 حساس هنڌ آهن. هن چيو ته سنڌ ايريگيشن اينڊ ڊرينج اٿارٽي جي حدن ۾ 7 حساس هنڌ آهن جن ۾ 3 ليفٽ بينڪ ڪئنال ايريا واٽر بورڊ بدين ۽ 4 گهوٽڪي فيڊر ڪئنال ايريا واٽر بورڊ تي آهن. ڪوٽڙي بئراج ريجن حيدرآباد ۾ 8 حساس هنڌ آهن. اسپيشل سيڪريٽري ايريگيشن جنيد ميمڻ اجلاس کي ٻڌايو ته سمورن حساس هنڌ تي ڪم جاري آهي. ان تي وڏي وزير چيو ته هي وقت ٻوڏ سان مقابلي ڪرڻ جو آهي. هن چيو ته بندن کي مضبوط ڪرڻ جو ڪم اڳئي شروع ٿيڻ گهرجي ۽ آف فلڊ سيزن تائين جاري رهڻ گهرجي. چيف انجنيئر سکر بئراج رائيٽ بينڪ ريجن اعجاز شيخ چيو ته درياهه جي کاٻي پاسي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سکر-لاڙڪاڻو (ايس ايل) بند ۽ لاڙڪاڻو-سيوهڻ (ايل ايس) بند تعمير ڪيا ويا. پاڻي جي وهڪري ۽ هٽنگ ايڪشن جي ڪري درياهه جو پاڻي ايس ايل ۽ ايل ايس بندن جا مختلف حصا متاثر ٿيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ نوان فرنٽ لائين بند ۽ سيڪنڊ لائين ڊفينس بند جوڙيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته هڪڙا واري هنڌ وٽ (ايل ايس بند ڀرسان موهن جو دڙو) حساس هنڌ هو، جنهن جي اسٽون پچنگ ڪئي وئي آهي ۽ رتوديرو ڀرسان موري لوپ بند به حساس هنڌ هو، جنهن جي پڻ سٺي ريت اسٽون پچنگ ڪئي وئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پري آبڪلاني اپاءَ پهرين جون کان شروع ڪيا ويا آهن ۽ بندن جي بهتر ريت مرمت ڪئي وئي آهي. ڪچي جي زمين به بندن جي هرهڪ اڌ ڪلوميٽر بعد تعمير ڪئي وئي آهي ۽ اتي آبڪلاني مٽيريل جهڙوڪ طوفاني ليپس، ٽارچز، خالي ٻوريون، ٿمبا وغيره جو هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ حساس هنڌن تي اسٽاڪ ڪيو ويو آهي. وڏي وزير چيف انجنئيرز کي هدايت ڪئي ته اهي حساس هنڌ تي پٿرن جي پچنگ واري ڪمن جي نگراني ڪن. هن چيو ته اوهان وٽ خاطر خواهه بجيٽ آهي انڪري بهتر ڪم ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته گڊو بئراج وٽ 3 لک ڪيوسڪ يا ان کان ڪجهه گهٽ ٻوڏ رهندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *