ٻوڏ جو پاڻي سنڌو درياهه ۾ داخل، ڪچو ٻڏي ويو، لڏپلاڻ جاري

ڪشمور (م.ڊ) چناب د9027665696631f0559b158c9d4e19f69رياهه جو سيلابي ريلو سنڌ ۾ داخل ٿيڻ بعد گڊو بئراج  ۾ پاڻي جي سطح لڳاتار وڌڻ لڳي، ٻوڏ جي پاڻي سان ڪشمور جا ڪچي وارا علائقا ٻڏي ويا، خيرپور ۾ ديهه موهل، ڀنڀور خورم، دريا خان ڍنڍ، صادق ڪلهوڙو ۽ ٻين هنڌن تي پاڻي جو زور وڌي ويو. قادرپور لوپ بند جي آس پاس وارا 10 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا. ڊپٽي ڪمشنر موجب 30 کان وڌيڪ ٻيڙين ذريعي ڪچي جي متاثر علائقن مان ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي پهچايو پيو وڃي. جيڪب آباد ۾ ٽوڙي بند ۽ نوابشاهه ۾ طوطي زرداري ڳوٺ جي هنڌ تي متاثرن لاءِ رليف ڪئمپ قائم ڪيا ويا آهن. هوڏانهن پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ چناب درياهه ۾ پاڻي جو مقدار ته گهٽ ٿي ويو پر نقصان اڃابه جاري آهن. رحيم يارخان ۾ نور والا  جي هنڌ تي زميندارا بند ٽٽڻ سان ابراهيم وسندي جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا، هيڊپنجند تي پاڻي جو دٻاءُ گهٽجي ۳ لک ڪيوسڪ تي پهتو آهي. سيلابي پاڻي اوچ شريف جي 20 ننڍن وسندين ۽ 70 ڳوٺن ۾ وڏي تباهي مچائي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *