ٻولي يا علائقو اهميت نه ٿو رکي،هر فلم ۾ ڪم ڪري مزو ايندو آهي: ايشوريا راٰءِ

ممبئي (شوبز نيوز) بالي وڊ اداڪارا ايشوريا راءِ بچن چيو آهي ته هوءَ ٻولي ۽ علائقي وارو تاثر رد ڪري ٿي ۽ کيس هر قسم جي فلم ۾ ڪم ڪرڻ ۾ مزو ايندو آهي،اڳوڻي سونهن راڻي نه رڳو بالي ووڊ پر هالي ووڊ جي فلمن ۾ به ڪم ڪري وڏي مڃتا ماڻي چڪي آهي، ان حوالي سان هڪ انٽرويو دوران جڏهن ايشوريا کان پڇيو ويو ته ڇا هالي وڊ فلمساز به هاڻ بالي ووڊ اداڪارائن کي ڪاسٽ ڪرڻ  لاءِ در کولي رهيا آهن؟ هن جواب ڏنو ته منهنجو شروع کان وٺي اهو ئي خيال رهيو آهي ته سينيما کي مقامي نه هجڻ گهرجي، هر پيشيور ماڻهو کي هر قسم جي فلم ڪرڻ کپي، هن چيو ته هن سدائين مختلف ڪردار ڪرڻ چاهيا آهن ۽ ان جي جهلڪ سندس فلمن ۾ به نظر اچي ٿي، 42 ورهين جي ايشوريا رائي بچن چيو ته مان پهرين ئي فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي حامي ان ڪري ڀري هئي جو مونکي هن شعبي ۾ هر حال ۾ اچڻو هو، جنهن لاءِ مون وٽ ٻولي يا علائقو ڪابه اهميت نه ٿو رکي، ايشوريا جي ايندڙ فلم سربجيت آهي،جڏهن ته هوءَ اي دل هي مشڪل ۾ به ڪم ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *