ٻارڙيءَ جي والد ٽريفڪ قانونن جي پابندي نه ڪئي، جنهن جي ڪري حادثو پيش آيو: هما مالني

نئين دهلي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا هيما مالنيءَ راجسٿان ٽريفڪ حادثي جو ذميوار حادثي ۾ مري ويندڙ ٻارڙيءَ جي والد کي قرار ڏنو آهي. ڀارتيه جنتا پارٽي جي اڳواڻ هيما مالنيءَ جو چوڻ هو ته ٻارڙيءَ جي والد ٽريفڪ قانونن جي پابندي نه ڪئي، جنهن جي ڪري حادثو پيش آيو. سوشل ميڊيا تي تبصرو ڪندي 67 ورهين جي اداڪارا جو چوڻ هو ته کيس حادثي ۾ 2 سالن جي ٻارڙيءَ جي مرڻ تي تمام گھڻو افسوس آهي. جيڪڏهن ٻارڙيءَ جو پيءُ ٽريفڪ قانونن جي پابندي ڪري ها ته هڪ ننڍڙي جان جو زيان نه ٿئي ها. هيما مالني 3 جولاءِ تي رياست راجسٿان جي علائقي دوسه ۾ پيش ايندڙ ٽريفڪ حادثي ۾ زخمي ٿي پئي هئي. پوليس موجب هيما مالنيءَ جي گاڏي غلط طرف کان ايندڙ هڪ گاڏيءَ سان ٽڪرائجي وئي هئي. حادثي ۾ هيما مالنيءَ سميت 4 ڄڻا زخمي ٿيا هئا. جڏهن ته مالنيءَ ميڊيا تي خوف ڦهلائڻ جو الزام لڳايو آهي. هيما مالني ٽوئيٽر تي چيو ته: ”منهنجي دل ۾ ان ٻارڙيءَ لاءِ افسوس آهي، جنهن جو بي سبب فوت ٿيو ۽ سندس خاندان جا ماڻهو زخمي ٿيا، ميڊيا تي تبصرو ڪندي هيما مالني لکيو ته: ”خوف ڦهلائيندڙ ميڊيا ۽ ڪجهه ماڻهن کلي عام مون تي الزام لڳايا، جڏهن ته مان پاڻ به لاچار  ۽ گهري صدمي ۾ هئس. اُهي انسانيت جي سطح کان ڪيترا ڪريل  آهن. انهن لاءِ صرف اهو ئي چونديس، شرم ڪيو، هاڻي بس ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *