ٻارڙن جون فحش فلمون تيار ڪرڻ ۾ وچ پنجاب سڀ کان اڳتي آهي: ايف آءِ اي جو ڇرڪائيندڙ انڪشاف

لاهور (اين اين آءِ) ايف آءِ اي انڪشاف ڪيو آهي ته ملڪ ۾ ٻارڙن جون فحش (پورنو گرافڪ) فلمون ٺاهڻ ۽ سندن اگهاڙيون تصويرون انٽرنيٽ تي اپ لوڊ ڪرڻ جي معاملي ۾ پنجاب صوبو ٻين صوبن کان اڳتي آهي، بي بي سي جي رپورٽ موجب قصور ۾ معصوم ٻارڙين سان جنسي ڏاڍائي ۽ انهن کي قتل ڪرڻ جا واقعا اڳيان اچڻ کانپوءِ ايف آءِ اي جي ڊي ٻارڙن جي جنسي تشدد تي ٻڌل فلم ٺاهيندڙن خلاف هڪ ٻن ميمبرن تي ٻڌل ٽيم جوڙي آهي جيڪا ملڪ ۾ اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ قدم کڻندي، ايف آءِ اي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته ٻارڙن جون اگهاڙيون فلمون ٺاهڻ جي حوالي سان هن وقت تائين جيڪي هڪ درجن کان وڌيڪ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن انهن مان گهڻا پنجاب ۾ ٿيا آهن ۽ گرفتار ماڻهن جي اڪثريت جو تعلق به پنجاب جي مختلف شهرن سان آهي، ٻن ميمبرن تي ٻڌل ٽيم جي سربراهه عمران حيدر بي بي سي کي ٻڌايو ته ان ڏس ۾ پاڪستان ٽِيليڪميونيڪشن کانسواءِ مقامي ماڻهن کان به مدد ورتي ويندي، اهڙن ماڻهن کان پڇاڳاڇا ڪئي ويندي جيڪي انٽر نيٽ تي مختلف ڇوڪرين جون فحش تصويرون انٽرنيٽ تي اپ لوڊ ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيا ويا آهن ۽ اڄ ڪلهه ملڪ جي مختلف جيلن ۾ قيد آهن، هن چيو ته ٻارڙن جي جنسي تشدد جي مواد خلاف پاڪستان ۾ موثر ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي ڇو ته هتي متاثر ماڻهو لاڳاپيل عملدارن کي ان بابت شڪايت داخل نٿا ڪرائين، هن چيو ته جن ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي انهن مان اڪثر ڄاڻ مختلف ملڪن مان انٽرپول جي ذريعي پاڪستاني انٽرپول ڏانهن موڪلي وئي هئي، پاڪستان ٽيليڪميونيڪشن اٿارٽي به ان ڏس ۾ هڪ خاص سيل قائم ڪيو آهي جيڪو انٽرنيٽ تي ٻارڙن جون اگهاڙيون تصويرون اپ لوڊ ڪندڙن جي نشاندهي ڪندو ۽ ان معلومات جي روشني ۾ ايف آءِ اي جو سائبر ڪرائيم ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪندي، ايف آءِ اي حڪومت کي درخواست ڪئي ته اها اهڙن ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن جي فيس بڪ آءِ ڊي جي فوري معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل عملدارن سان ڳالهائي، ڇو ته ان ڏس ۾ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ جاچ ڪندڙن کي 4 کان 6 هفتن تائين انتظار ڪرڻو پوي ٿو، جيڪي اهڙن ڪيسن کي مڪمل ڪرڻ تائين دير جو سبب بڻجن ٿا، پاڪستان ۾ جن ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي انهن ۾ اڪثر پاڪستاني ٻارڙن جي اگهاڙي فلم جي تيارين يا اپ لوڊ ۾ ملوث آهن، عمران حيدر ٻڌايو ته پاڪستاني ٻارڙن جون اگهاڙيون تصويرون ۽ فلم انٽرنيٽ تي وڪرو ٿي رهيون آهن ۽ ٽيم جا ميمبر انهن جي ڳولا ڪري رهيا آهن جيڪي ان ڌنڌي ۾ ملوث آهن، هن چيو ته اطلاعن موجب اهڙن ڪيسن ۾ جيترا ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن انهن مان گهڻي ڀاڳي پڙهيل لکيل ۽ پروفيشنل ڊگري هولڊرز آهن، ايف آءِ اي تازو ئي انٽرپول ڪينڊا مان مليل ڄاڻ جي مدد سان جهنگ جي رهواسي تيمور مقصود کي ٻارڙن جي پرونو گرافي تي ٻڌل وڊيوز ۽ تصويرون رکڻ ۽ انٽرنيٽ تي جاري ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *