ٻئي شادي بابت خبرن جي ترديد، هينئر شادي جو وقت ناهي، پشاور سانحي سبب قوم سوڳ جي عالم ۾ آهي: عمران خان

اسلام آباد(بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ٻِي شادي بابت خبرن جــِي ترديد ڪندي چيو آهي ته ان حوالي سان خبرون افواهن کانسواءِ ڪجهه به ناهن. هڪ بيان ۾ عمران خان چيو ته سندس ٻِي شاديءَ جون ڳالهيون درست ناهن. هن چيو ته هن اسلام آباد جي ڌرڻي ۾ سڀني آڏو ٻي شادي جي خواهش جو اظهار به ڪيو هو، پشاور سانحي سبب کيس تمام گهڻو ڏک پهتو آهي. عمران خان چيو ته ملڪ هن وقت جنگ جي حالت ۾ آهي، ٻي شادي لاءِ مناسب وقت جو انتظار آهي، ان حوالي سان شايع ۽ نشر ٿيل خبرون بي بنياد آهن انهن ۾ ڪا به صداقت ناهي. واضح رهي ته برطانيه جي هڪ اخبار، پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته عمران خان خانگي ٽي وي چينل جي ميزبان ريهام خان سان لنڊن ۾ ڳــُجهي شادي ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *