ٺٽي ۾ پانڌيئڙن جي ٻيڙي اونڌي، عورتن ۽ ٻارن سميت 17 ڄڻا فوت

ٺٽو (ويب ڊيسڪ) ٺٽي ۾ پانڌيئڙن جي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 17 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. ٺٽي جي ڊپٽي ڪمشنر ناصر بيگ موجب بدقسمت ٻيڙي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 60 ڄڻا سوار هئا، جيڪي ٻُهارا ۾ سمنڊ پار پير پٺائي جي مزار تي حاضري لاءِ وڃي رهيا هئا. سندس چوڻ هو ته ريسڪيو ٽيمن حادثي واري هنڌ پهچي امدادي ڪم شروع ڪيا ۽ هن وقت تائين درياهه مان 17 ڄڻن جا مڙهه ڪڍيا ويا آهن، 20 ڄڻن کي صحيح سلامت ڪڍيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين جي ڳولا جاري آهي. هن ٻڌايو ته ٻيڙي ۾ گنجائش کان وڌيڪ ماڻهو سوار هئا، جنهن سبب اهو حادثو پيش آيو. هوڏانهن پاڪ فشر فوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاهه جو چوڻ هو ته ٻيڙي ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو سوار هئا، جيڪا توازن برقرار نه رکندي اونڌي ٿي پئي. نيوي ۽ ريسڪيو ادارن چيو آهي ته فوت ٿي ويلن ۾ 3 ٻار ۽ 5 عورتون به شامل آهن. حيدرآباد جي ڪمشنر جو چوڻ آهي ته ريسڪيو عمل ۾ حصو وٺڻ لاءِ ٺٽي ۽ سجاول جي ضلعن مان ٽيمون توڙي ايمبولينسون گهرايون ويون آهن، فوتين جا مڙهه ميرپور ساڪرو تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي حيدرآباد جي ڪمشنر کي ريسڪيو جو ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *