يڪجهتي، انصاف، قانون جي بالادستي ۽ آئين جي پاسداري چاهيون ٿا: وڏو وزير

خيرپور (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته صحت ۽ تعليم کي اوليت ڏيندي 10 نيون يونيورسٽيون ۽ 4 ڊسٽرڪٽ اسپتالون قائم ڪيون آهن، هن اهڙن خيالن جو اظهار خيرپور جي جيم خانا ڪلب سالياني ڊنر تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، وڏي وزير چيو ته ملڪ ۾ يڪجهتي، انصاف ۽ قانون جي بالادستي ۽ آئين جي پاسداري چاهيون ٿا، هن چيو ته هو نٿا چاهين ته ڪنهن به صورت ۾ جمهوريت کي نقصان پهچي، پاناما ليڪس معاملي تي چيف جسٽس کي لکيل خط تي هو پنهنجي سربراهي ۾ ڪميٽي تشڪيل ڏئي ٿو ته ان تي ڪو به اعتراض نه هوندو، هن چيو ته عدليه کي اختيار آهي ته حق ۽ انصاف مطابق جاچ ڪري فيصلو ٻڌائين، وڏي وزير چيو ته اڄ ڪلهه جلسن جي سياست هلي رهي آهي ۽ هر پارٽي کي سياست ۾ جلسي ڪرڻ جو حق آهي پر ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ نه گهرجي، هن چيو ته ڀٽي خاندان جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بهتر ڪارڪردگي سبب ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ عوام سک جو ساهه کڻي رهيو آهي، ڪراچي کان ڪشمور تائين ماڻهو بنا خوف جي سفر ڪري رهيا آهن، هن چيو ته نظر ناريجو سميت ڪيترن ئي بدنام ڌاڙيلن  کي ماريو ويو آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت پوليس کي مضبوط ڪيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ امن امان جي صورتحال بهتر آهي، هن چيو ته صحت ۽ تعليم کي اوليت ڏيندي سنڌ سرڪار 10 نيون يونيورسٽيون قائم ڪيون ۽ جديد سهولتن سان 4 ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتالون قائم ڪيون آهن، ان موقعي تي وڏي وزير ريڊ ڪريسٽن سوسائٽي خيرپور طرفان ڏکايل ماڻهن جي خدمت ۽ کين سهولتون فراهم ڪرڻ جي تعريف ڪندي هڪ ڪروڙ رپيا گرانٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو، تقريب کي سيد علي اسلم جعفري، ڪمشنر سکر عباس بلوچ، ڊپٽي ڪمشنر فياض احمد جتوئي، حاجي لالا عبدالغفار شيخ ۽ ٻين خطاب ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *