يو اي اي اختيارين عزير بلوچ کي انٽرپول حوالي ڪري ڇڏيو

دبئي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) يو اي اِي اختيارين عزير بلوچ کي انٽرپول حوالي ڪري ڇڏيو آهي، عزير بلوچ کي ايران کان دبئي پهچڻ تي ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو هو. سنڌ حڪومت عزير بلوچ جي حوالي سان سمورا دستاويز پرڏيهي وزارت حوالي ڪريا ڇڏيا. واضح رهي ته پاڪستاني حڪومت پاران عزير بلوچ جي گرفتاري لاءِ انٽرپول سان رابطو ڪيو ويو هو. عزير بلوچ ڪراچي ۾ گينگوار جو مرڪزي جوابدار سمجهيو وڃي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *