يوگا جو مذهب سان ڪو واسطو ناهي هوندو:شلپا شيٽي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا شلپا شيٽي يوگا جي حوالي ملهائجندڙ ڏينهن تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ”يوگا جو مذهب سان ڪو واسطو ناهي هوندو“ هن چيو ته يوگا هڪ سائنس آهي ۽ هو پڪ سان چوي ٿي ته يوگا جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو تعلق مذهب سان ناهي. هن پنهنجي يوگا انداز بابت چيو ته يوگا جو به انداز مقرر ناهي هوندو، يوگا جو هر انداز اوهان جي جسامت تي فرق وجهندو آهي. شلپا شيٽي موجب سريا نمسڪار دوران هٿ ٻڌڻ وارو عل به يوگا جو هڪ قسم آهي ۽ ان سان به اوهان جي جسم جو هر حصو فائديمند ٿي ويندو آهي. شلپا يوگا جي وڪالت ڪندي چيو ته ماڻهن کي اها پراڻي سائنس استعمال ڪرڻ گهرجي، هن موجب يوگا انساني دماغ، روح کي حرڪت ۾ آڻيندي اوهان کي چست ڪري ڇڏيندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *