يونس خان به سرفراز احمد جي حمايت ۾ ميدان ۾ لهي آيو

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽسمين يونس خان به سرفراز احمد جي حمايت ۾ ميدان ۾ لهي آيو آهي. ان سلسلي ۾ سندس چوڻ آهي ته سرفراز هر قسم جي ڪرڪيٽ ۾ پاڻ مڃرايو آهي، کيس ٽيم ۾ شامل ڪرڻ گھرجي. گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ يونس خان، سرفراز احمد ۽ انور علي فٽبال ميچ ۾ شرڪت ڪئي. ميچ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي يونس خان جو چون هو ته ڪارڪردگي يکاريندڙ رانديگرن کي ساراهڻ گھرجي، ڪپتان هجان ها ته سرفراز خان کي پنهنجي ٽيم ۾ شامل ڪريان ها. سرفراز احمد جهڙن رانديگرن جي ساراهه ٿيڻ گھرجي. ان کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ گھرجي. هُن هر فارميٽ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري آهي. هن چيو ته مون  پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪا به غلطي ناهي ڪئي. يونس خان موجب پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرڪيٽ ميچ ٿيڻ گھرجن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *