يورپ جي معيار جون سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪومت ارادو رکي ٿي: پرويز رشيد

راولپنڊي (بيورو) راولپنڊي ميٽرو بس سروس منصوبي تي ڪم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ آزمائشي سروس هلائي وئي، جنهن ۾ وفاقي وزير پرويز رشيد سميت ٻين اڳواڻن سفر ڪيو، شهباز شريف چيو آهي ته 23 ڪلوميٽر ڊگهو اهو منصوبو 24اسٽيشنن تي ٻڌل هوندو، جلد وزير اعظم ان جو افتتاح ڪندو. راولپنڊي کي اسلام آباد سان ملائيندڙ ميٽرو بس منصوبي جي آزمائشي سروس کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته انهي منصوبي سان اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي لکين ماڻهن کي آسان سفري سهولت ملندي. هن چيو ته منصوبي تي رڪارڊ وقت ۾ ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ جلد انهي منصوبي جو وزير اعظم افتتاح ڪندو. هن چيو ته منصوبي ۾ ٿرڊ پارٽي پارٽيسيپيشن طور نيسپاڪ کي شريڪ ڪيو ويو آهي، جنهن جي سرٽيفڪيٽس کانسواءِ ڪنهن کي به ادائيگيون نه ڪيون وينديون. هن چيو ته 1991 ۾ اسلام آباد جي آبادي هڪ لک کان گهٽ هئي ۽ اڄ وفاقي راڄڌاني ۾ 13 لک ماڻهو وسن ٿا، جڏهن ته راولپنڊي ۾ انهي کان چئوڻ پنجوڻ ماڻهو رهن ٿا. هن چيو ته هي منصوبو رڳو پنجاب جو منصوبو نه آهي پر ٻنهي شهرن ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ماڻهو آباد آهن، جن کي عالمي معيار جي سفري سهولت ملندي . شهباز شريف جو چوڻ هو ته سندس حڪومت قائد اعظم ۽ علامه اقبال جي جي خواب جي ساڀيان لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. شهباز شريف جو چوڻ هو ته جلد وزير اعظم انهي منصوبي جو افتتاح ڪندو. ان کان اڳ وفاقي وزير پرويز رشيد به خطاب ڪندي چيو ته يورپ جي معيار جون سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪومت ارادو رکي ٿي ۽ ان سان شاگردن، مريضن، ملازمن، وڪيلن ۽ ججن سميت سڀني کي فائدو پهچندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *