يوحنا آباد ڌماڪا: ملڪ ۾ سوڳ ملهايو ويو، مظاهرا، ڀڃ ڊاهه، راهگيرن تي تشدد

ڪراچي/لاهور (م.ڊ) لاهور جي علائقي يوحنا آباد ۾ گرجا گهرن ٻاهران آپگهاتي حملن خلاف ملڪ ۾ سوڳ ملهايو پيو وڃي، مشنري اسڪول بند آهن، مسيحي برادري روڊن تي نڪري آئي، مڇريل ڪارڪن ميٽرو بس سروس ۾ گهڙي ويا ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي، لاهور جي مختلف هنڌن تي ڌرڻا هڻي ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون، هڪ رڪشا ڊرائيور تي به تشدد ڪيو ويو.. يوحنا آباد ۾ ٻن گرجا گهرن اندر دعا جي تقريب دوران هڪٻئي پويان 2 آپگهاتي ڌماڪن جي نتيجي ۾ 15 ڄڻن جي مارجڻ ۽ 70 کان وڌيڪ زخمي ٿيڻ تي سڄي ملڪ ۾ ماحول سوڳوار آهي. يوحنا آباد واري علائقي ۾ ماحول سوڳوار آهي، علائقي ۾ سموريون بازارون بند پيل آهن، جڏهن ته لاهور، ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ سمورا مشنري اسڪول به بند آهن، پاڪستان بار ڪائونسل طرفان به سوڳ ملهايو پيو وڃي.. لاهور جي مختلف علائقن ۾ مسيحي برادري طرفان يوحنا آباد واقعي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، مڇريل ڪارڪن ميٽرو بس سروس ۾ گهڙي ويا ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي، پوليس ماڻهن کي روڪڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي. ملت روڊ تي مڇريل شهرين هڪ ڊرائيور تي به تشدد ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ ٻئي علائقي ۾ هڪ شاگرد تي به تشدد جا اطلاع آهن. ٻئي پاسي، پاڪستان بار ڪائونسل طرفان به سانحي تي سوڳ ملهايو پيو وڃي، مختلف شهرن ۾ عدالتي ڪاررواين جو به بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي…هوڏانهن، مسيحي برادري جي فرياد تي گرجا گهرن ٻاهران ٿيل آپگهاتي حملن جا 2 ڌار ڌار ڪيس دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيا ويا آهن… يوحنا آباد بم ڌماڪن جي جاچ ۾ اڃا اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته ٻن ڄڻن کي زنده ساڙڻ جو ڪيس پڻ داخل ناهي ٿيو . لاهور ۾ گرجا گهرن تي حملن خلاف سنڌ جي مخلتف شهرن ۾ مسيحي برادري طرفان احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا آهن… حيدرآباد ۾ لاهور سانحي خلاف هزارين عيسائي برادري جي عورتن ۽ مردن ڊينل فياض جي اڳواڻي ۾ اولڊ ڪئمپس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب ڊسٽرڪ ۽ سيشن ڪورٽ ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا بند ٿي ويا. سانگهڙ ۾ يوحنا آباد سانحي خلاف مسيحي برادري جي ماڻهن پريس ڪلب اڳيان ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي. دادو ۾ مسيحي برادري جي ماڻهن لاهور ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۾ مارجي ويلن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ڏهرڪي ۾ يوحنا آباد ۾ خودڪش حملي خلاف مسيحي برادري طرفان پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.. ٽنڊو آدم ۾ مسيحي برادري جي ماڻهن لاهور ۾ ٻن گرجا گهرن مٿان آپگهاتي حملو ڪندڙ دهشتگردن جي گرفتاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ سوين مسيحي برادري جي ماڻهن شرڪت ڪئي. ڪوٽ غلام محمد ۾ لاهور جي گرجا گهرن ۾ آپگهاتي حملي خلاف مسيحي برادري جي عورتن ۽ ٻارڙن طارق مسيحي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري شاهه لطيف چوڪ تي ڌرڻو هنيو. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته عيسائي برادري جي عبادتگاهن جي سيڪيورٽي سخت ڪري لاهور ۾ ڌماڪا ڪندڙ دهشتگردن کي فوري طور گرفتار ڪري مسيحي برادري ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *