يوحنا آباد واقعو: ماڻهن کي زنده ساڙيندڙن خلاف سخت ڪارروائي جو اعلان

اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت، لاهور ۾ ماڻهن کي زنده ساڙيندڙ جوابدارن خلاف سخت ڪارروائيءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو، گهرو وزير چوڌري نثار جو چوڻ آهي ته يوحنا آباد سانحي کانپوءِ جيڪو ڪجهه ٿيو ان کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي ۽ ماڻهن کي زنده ساڙڻ به بدترين دهشتگردي آهي. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چوڌري نثار جو چوڻ هو ته يوحنا آباد سانحو بدترين دهشتگردي آهي پر ان کانپوءِ ردعمل طور انسانن کي زنده ساڙڻ ۽ ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ به بدترين دهشتگردي آهي جنهن ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته لاهور ۾ ٿيل ردعمل ملڪ، قانون ۽ جمهوريت لاءِ نقصانڪار آهي، سڄي قوم گذريل 14 سالن کان جنگ جي حالتن ۾ آهي. سندس چوڻ هو ته هڪ طرف دهشتگرد اسان جي گهرن کي باهه لڳائين ۽ پوءِ پنهنجا ئي ماڻهو ان ايجنڊا کي اڳتي وڌائين ته ان جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. چوڌري نثار چيو ته دهشتگرد چاهين ٿا ته عوام کي خوفزده ڪيو وڃي پر کين انهن جو مقابلو ڪرڻو آهي، دهشتگردن جو گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي جنهن سبب هــُو پنهنجي سولي هدفن کي نشانو بڻائن ٿا. ڦاهي جي سزا حاصل ڪندڙ جوابدار شفقت حسين بابت گهرو وزير چيو ته شفقت حسين جي ڦاهي تي سياست نه ڪئي وڃي. هن چيو ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڏوهاري کي سزا ٻـُڌائي جڏهن ته ٻين عدالتن به جوابدار کي سمورا قانوني مرحلا مڪمل ٿيڻ بعد سزا برقرار رکي پر ان تي سياست ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي. چوڌري نثار چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي دوران شفقت حسين جي عمر جو ايشو ڪٿي نه اٿاريو ويو، ڊاڪٽرن جوابدار جي عمر 25 سال ۽ جيل انتظاميه 23 سال لکي جڏهن ته جوابدار جنهن کي قتل ڪيو ان جي عمر 7 ورهيه هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *