يوحنا آباد سانحو، مارجي ويلن جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون، سيڪيورٽي سخت

لاهور (بيورو) لاهور جي يوحنا آباد ۾ گرجا گهرن تي ٿيل آپگهاتي بم حملي ۾ مارجي ويل ماڻهن جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون جڏهن ته سانحي خلاف ٽئين ڏينهن به عام زندگي مڪمل طور معطل رهي. 15 مارچ تي يوحنا آباد جي گرجا گهرن تي ٿيل آپگهاتي بم حملن ۾ 17 مارجي ويا ۽ 70 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا. مارجي ويلن جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون، جنهن ۾ پورٽ اينڊ شپنگ جي وفاقي وزير ڪامران مائيڪل، صوبائي گهرو وزير ڪرنل رٽائرڊ شجاع خانزده ۽ ڪشمر لاهور سميت ٻين سياسي توڙي سرڪاري شخصيتن به شرڪت ڪئي. آخري رسمن دوران ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ يوحنا آباد سميت سڄي شهر جي سڪيورٽي لاءِ انتهائي سخت قدم کنيا ويا هئا. يوحنا آباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پنج هزار پوليس اهلڪارن کانسواءِ رينجرز جي وڏي نفري به مقرر ڪئي وئي هئي. يوحنا آباد کان گــُذرندڙ فيروز پور روڊ کي چونگي امر سوڌو کان ڪاهنا تائين ڪنڊيدار تارن جي مدد سان بند ڪيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *