يمي گوتم ”بتي گل ميٽر چالو“ ۾ شرڌا ۽ شاهد سان گڏ نظر ايندي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا يمي گوتم به شاهد ڪپور ۽ شرڌا ڪپور سان گڏ نئين فلم بتي گل ميٽر چالو ۾ جلوا ڏيکاريندي.ڀارتي ميڊيا مطابق ڊائريڪٽر شري نارائن سنگهه پنهنجي فلم بتي گل ميٽر چالو لاءِ اداڪارا يمي گوتم کي ڪاسٽ ڪيو آهي، جنهن کان پوءِ شاهد ڪپور خوبصورت اداڪارا يمي گوتم کي فلم ۾ ڪردار ڪرڻ تي ڀليڪار چيو آهي.ٻئي طرف يمي گوتم به سماجي ويب سائيٽ تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ڏاڍي خوش آهيان ڇو ته مون کي فلم بتي گل ميٽر چالو ۾ ڪاسٽ ڪيو ويو آهي، آئون شرڌا ڪپور ۽ شاهد ڪپور سان گڏ نظر اينديس، ان لاءِ آئون پرجوش آهيان. ياد رهي ته يمي گوتم ۽ شرڌا ڪپور پهريون ڀيرو فلم ۾ گڏ ڪم ڪري رهيون آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *