يمن ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي واپس آڻڻ لاءِ چين کان به مدد ورتي پئي وڃي:پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي کاتي جي ترجمان تسنيم اسلم چيو آهي ته يمن ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي واپس ڏيهه آڻڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن،ان حوالي سان چين کان به مدد ورتي پئي وڃي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ پرڏيهي ترجمان چيو ته يمن ۾ هن وقت 4 سئو پاڪستاني موجود آهن،جڏهن ته گادي واري شهر صنعا ۾ 70 پاڪستاني ڦاٿل آهن. تسنيم اسلم جو چوڻ آهي ته عدن ۾ موجود پاڪستانين کي ڏيهه آڻڻ لاءِ ڪوششون جاري آهي. پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستانين جي واپسي  لاءِ چين سان به ڳالهايو پيو وڃي ۽ ان کان مدد گهـُري ورتي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *