يمن ۾ چڪريون ۽ عرب اتحادي فوجن جي بمباري، 100 کان وڌيڪ باغي مارجي ويا ، ڪيترائي زخمي

صنعا (اين اين آءِ) يمن جي مختلف شهرن ۾ چڪرين ۽ عرب اتحادي فوج جي بمباري ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ باغي مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق يمن جي شهر عدن ۾ صدر منصور هادي جي حامين ۽ باغين وچ ۾ چڪرين دوران 46 باغي مارجي ويا شهر ۾ ٻنهي طرفن کان هڪ ٻئي خلاف ڳرا هٿيار استعمال ڪياپ يا وڃن. عدن جي اتر علائقي ۾ چڪري دوران 19 باغي ۽ 15 صدر منصور هادي جا حامي مارجي ويا عالمي امدادي تنظيم ريڊ ڪريسينٽ  هنگامي بنياد تي امدادي سامان عدن پهچائڻ جي اپيل ڪئي آهي. ٻئي پاسي صوبي ابيان ۾ اڳوڻي صدر علي عبدالله صالح جي حامين جي قبضي هيٺ ملٽري بيس جو ڪنٽرول صدر هادي جي حامين حاصل ڪري ورتو آهي. ٻطرفو فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 7 باغي مارجي ويا هوڏانهن سعودي اتحادي فوج الااتاد ايئر بيس ۽ ملٽري ڪمئپ تي بمباري ڪئي جنهن ۾ 10 باغي مارجي ويا ۽ ڪيترائي ٻيا فرار ٿي ويا. اتحادي فوج صوبي شبوا ۾ به باغين جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو جنهن ۾ پنج باغي به مارجي ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *