يمن ۾ حوثي باغين خلاف ڪارروائي تيز، بمباري ۾ وڌيڪ 35 ڄڻا مارجي ويا

صنعا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) يمن ۾ سعودي عرب ۽ ان جي اتحادي ملڪن طرفان حوثي باغين خلاف بمباري ۾ وڌيڪ 35 ڄڻا مارجي ويا ۽ 88 زخمي ٿي پيا،جنهن بعد پنجن ڏينهن اندر مارجي ويلن جو انگ 165 کان وڌي ويو آهي،جڏهن ته سعودي عرب زميني ڪارروائين لاءِ به تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. يمن ۾ سعودي عرب ۽ سندس اتحادي ملڪن طرفان حوثي باغين خلاف هوائي حملن جو سلسلو اڄ پنجين ڏينهن به جاري رهيو. سعودي عرب ۽ اتحادين سامونڊي شهر عدن ۾ هوائي حملا تيز ڪيا. ميڊيا رپورٽس موجب سڄي رات بمباري ۾ وڌيڪ 35 ڄڻا مارجي ويا ۽ 88 زخمي ٿي پيا. عدن جي ايئرپورٽ جو ڪنٽرول به سرڪاري فوج سنڀالي ورتو آهي. يمني صوبي شبوه ۾ مقامي قبيلن پڻ حوثين خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي،جنهن دوران 40 باغين جي مارجڻ جا اطلاع آهن. يمن جي علائقي صعدره ۾ هوائي بمباري ۾ باغين جي هٿيارن جا ذخيرا تباهه ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف سعودي عرب جي پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته يمن ۾ زميني ڪارروائي جو آپشن موجود آهي. عرب ميڊيا موجب اڳوڻي صدر علي عبدالله صالح طرفان جنگبندي جي تجويز سعودي عرب رد ڪري ڇڏي آهي. سعودي عرب جو موقف آهي ته صدر منصور هادي جي قانوني حڪومت کي تسليم ڪيو وڃي. پاڪستان کانپوءِ چين به پنهنجي شهرين ۽ سفارتي عملي کي سمنڊ ذريعي يمن کان واپس گهـُرائي ورتو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *