يمن ۾ باغين خلاف سعودي آپريشن جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا: آصف زرداري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صدر ۽ پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته پيپلزپارٽي سعودي عرب سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي بيٺل آهي ۽ يمن ۾ باغين خلاف سعودي عرب آپريشن جي مڪمل حمايت ڪري ٿي. ڪراچي ۾ يمن جي صورتحال جي حوالي سان پريس ڪانفرنس دوران رحمان ملڪن آصف علي زرداري جو بيان پڙهي ٻڌايو جنهن ۾ هن جو چوڻ هو ته باغين سبب يمن ۾ جمهوري حڪومت کي خطرا آهن انهيءَ لاءِ پيپلز پارٽي سعودي عرب سان گڏ آهي ۽ يمن ۾ باغين خلاف سعودي آپريشن جي مڪمل حمايت ڪري ٿي. پنهنجي پيغام ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته ڪوبه مسلمان سعودي عرب ۾ مقصد جاين تي آنچ به اچڻ نه ڏيندو ۽ ڪنهن به ڏکئي وقت ۾ سمورا اسلامي ملڪ سعودي عرب سان گڏ آهن. انهيءَ موقعي تي رحمان ملڪ جو چوڻ هو ته پارليامينٽ ۽ پيپلزپارٽي يمن ۾ جمهوريت جي بقا لاءِ ٿيندڙ ڪارروائي سان گڏ آهي، سعودي عرب اسان جي تمام گهڻي مدد ڪئي آهي ۽ اڄ جيڪڏهن ڏکئي وقت ۾ آهي ته پاڪستان اُن سان گڏ آهي. هن چيو ته ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ اسان کي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو پر موجوده حڪومت ڪڏهن به سعودي عرب سميت ڪنهن به مڪ سان لاڳاپن جي باري ۾ پارليامينٽ کي آگاهه ناهي ڪيو انهيءَ لاءِ اسان کي وزيراعظم نوازشريف جي سعودي عرب سان لاڳاپن جي نوعيت معلوم ناهي، سعودي عرب جي صورتحال تي نوازشريف آصف زرداري جي اعتماد ۾ ناهي ورتو انهيءَ لاءِ پيپلزپارٽي وزيراعظم سان رابطو کانپوءِ پنهنجو واضح موقف جو اعلان ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *