يمن معاملي تي ايران پنهنجي پاليسي تي غور ڪري: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته يمن جــَي معاملي تي ايران کي پنهنجي پاليسي تي غور ڪرڻ گهــُرجي، هــِي مسئلو حساس آهي ان سلسلي ۾ احتياط کان ڪم وٺڻ تمام ضروري آهي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪنديَ وزيراعظم چيو ته حڪومت ڪنهن قسم جي مينڊيٽ لاءِ نه پر صلاح مشوري لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهـُرايو آهي. هن چيو ته ڪنهن ڳالهه نه پيو لڪايو وڃي، گذريل ڏينهن ان حوالي سان بچاءَ واري وزير خواجا آصف مڪمل وضاحت ڪري ڇڏي هئي. نواز شريف چيو ته هن وقت پارليامينٽ جي ڪارروائي کي سڄي دنيا ڏسي ۽ ٻــُڌي رهي آهي انڪري کين احتياط کان ڪم. وٺڻ گهـُرجي. وزيراعظم چيو ته هنن يمن جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ ترڪي سان ڳالهايو آهي پر هـُو ترڪ اختيارين جي جواب جو انتظار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان سعودي عرب جي گهرو وزير سان ملاقات ڪئي آهي ان کانپوءِ هـُو اڄ ايران پهچي رهيو آهي جتي هـُو صدر حسن روحاني سان ملاقات ڪندو ڇو ته يمن جي معاملي تي ايران کي به پنهنجي پاليسي تي غور ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب جي جغرافيائي خودمختياري تي حملو ٿيو ته هـُو گڏجي جنگ وڙهندا پر هن وقت تائين ان جو ڪو خدشو ناهي پر ان باوجود سعودي عرب جنهن قسم جو سهڪار گهـُريو آهي ان سلسلي ۾ پارليامينٽ حڪومت کي پنهنجو قيمتي مشورو ڏئي جنهن تي نيڪ نيتي سان عمل ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *