يمن جي آڙ ۾ اجلاس گهرائي بغير نڪاح جي ميمبرن کي پارليامينٽ ۾ ويهاريو ويو: الطاف حسين

لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين هڪ انٽرويو دوران چيو ته پارليامينٽ جي اجلاس ۾ ويٺل ميمبرن جي حيثيت ڪٽ پتلي کان وڌيڪ ناهي، سعودي عرب جو هر قيمت تي بچاءُ ڪرڻ وارا ٻڌائن ته ان جنگ ۾ سعودي عرب جو ڪهڙو نقصان ٿيو آهي هينئر تائين سڀ کان وڌيڪ موت يمن ۾ ٿي آهي،ڇا ڪنهن ملڪ جون فوجون ضرب عضب ۾ اسان جو ساٿ ڏيڻ لاءِ آيا آهيون تحريڪ انصاف جي اجلاس ۾ شموليت کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي الطاف حسين چيو ته اڄ جو اجلاس انتهائي غلط آهي جيڪڏهن 40 تائين تائين ڪوبه ميمبر غير حاضر رهيو ته ان جي ميمبرشپ ختم ٿي ويندي آهي، يمن جي آڙ ۾ اجلاس گهرائي ڪجهه ميمبرن کي بعير نڪاح جي پارليامينٽ ۾ ويهاري ڇڏيو، هن چيو اڄ جي اجلاس ۾ ناجائز ميمبرن جي موجودگي ۾ اسپيڪر اجلاز ڪيئن جاري رکيو الطاف حسين جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪعبته الله يا مديني جي سلامتي جي ڳالهه ٿي ته هو پاڻ سعودي عرب پهچي ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *