يقين نه هو ته فلم ”اترنگي ري“ ڪري سگهان ٿي: سارا علي خان

 

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا سارا علي خان پنهنجي فلم لو آج ڪل جي مشهوري ۾ رڌل آهي. نوجوان اداڪارا جي ايندڙ فلم جو اڳ ئي اعلاج ٿي چڪو آهي اداڪارا جلد ئي آنند ايل راءِ جي فلم اٽنگي ري ۾ اڪشِ ڪمار ۽ ڌنوش سان جوهر ڏيکاريندي. ان ڏس ۾ اداڪارا انسٽاگرام تي هن فلم جو اعلان ڪندي پنهنجي اداڪارن سان پنهنجون تصويرون شيئر ڪيون آهن. تازو انٽرويو ۾ اداڪارا کان ان حوالي سان سوال ڪيو ويو ته هن پراجيڪٽ جي چونڊ ڇا لاءِ ڪئي جنهن بابت سندس چوڻ هو ته سچ ڳالهه ته اها آهي ته جڏهن مان اترنگي ري جو اسڪرپٽ پڙهيو ته مون کي يقين نه آيو ته مان هي فلم ڪري سگهان ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *