يقين آهي ته بينظير سان انصاف ٿيندو، شاگرد يونين بحال ٿيڻ گهرجي: بلاول زرداري

لاهور (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته نئين پاڪستان جي صورت ۾ آمريت جي نئين شڪل اڳيان آئي آهي، عوام جا جيڪي حق مشرف ۽ ضيا جي حڪومتي دور ۾ ن سکيا ويا اهي هن حڪومت کسي ورتا آهن، ججز عورتن کي به اعليٰ عدالتن ۾ هئڻ گهرجي، اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسئيشن جي ميمبرن کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته وڪيل هميشه آمريت جي خلاف رڪ جي ڀت بڻيل رهيا، ڄمي آمريت جو مقابلو ڪيو، هن افسوس جو اظهار ڪيو ته آمرن ملڪ جي آئين جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا آهن، بلاول ڀٽو چيو ته هڪ وڪيل قائد اعظم پاڪستان ٺاهيو ۽ هڪ وڪيل ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان کي آئين ڏنو، ضيا آئيني حڪومت تي راتاهو هنيو ۽ سڀ کان مقبول ليڊر کي عدالتي ڪارروائي ذريعي قتل ڪيو ويو، هن چيو ته پ  پ هميشه آئين ۽ قانون جي بالادستي جي ڳالهه ڪئي آهي، ڀٽي جي شهادت جو ڪيس اڄ به عدالت ۾ آهي، بار کي اپيل آهي ته ڀٽي کي انصاف ڏياريو، بلاول ڀٽو چيو ته جيڪڏهن بينظير ڀٽو کي انصاف نه ملندو ته عام ماڻهن کي ڪٿي انصاف ملندو، هن چيو ته بينظير ڀٽو جي خواهش هئي ته ججز عورتن جو به عدليا ۾ هئڻ گهرجي، ان کانسواءِ بلاول ڀٽو پ پ اڳواڻ چوڌري احمد مختيار جي گهر وڃي عيادت ڪئي، بلاول ڀٽو، چوڌري احمد مختيار جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *