يش چوپڙا ساراهه ڪري منهنجا حوصلا بلند ڪري ڇڏيا: شاهه رخ خان

 

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان ٻڌايو آهي ته جڏهن کيس بدصورت چيو ويو هو  ته ان وقت سندس تاثر ۽ احساس ڪهڙا هئا.  پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان پنهنجي نئين ايندڙ فلم ” زيرو “ جي مشهوري مهم ۾ مصروف آهي. ان سلسلي ۾ اداڪار هڪ انٽرويو دوران ٻڌايو ته ڪيريئر جي شروعات ۾ کيس لڳندو هو ته هو خوبصورت ناهي، جڏهن ته ڪنهن به رخ کان اداڪارن وانگر نظر ناهي ايندو ۽ نه ئي بهترين رقص ڪري سگهان ٿو.  اداڪار چيو ته ڪيريئر جي شروعات ۾ هڪ هدايتڪار سان ميٽنگ جاري هئي ۽ ميٽنگ دوران هدايتڪار چيو ته توکي فلم ۾ ڪٿي نه ڪٿي ايڊجسٽ ڪري ڇڏينداسين ڇاڪاڻ جو تون بدصورت آهين ۽  تو ۾ هيرو جهڙي ڪا به ڪوالٽي ناهي.  اداڪار چيو ته ان واقعي کانپوءِ مونکي شدت سان اهو احساس ٿيو ته مان ڪيئن رومانوي ڪردار ادا ڪري سگهندس پر منهنجا حوصلا ان وقت بلند ٿي ويا جڏهن ته مرحوم هدايتڪار يش چوپڙا منهنجي ساراهه ڪئي ۽ چيائين ته تون هڪ رومانوي اداڪار بڻجي سگهين ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *