ياسر شاهه سرينلڪا کان ميچ کسي ويو، پاڪستان جي گال ٽيسٽ ۾ ميزبانن کي 10 وڪيٽن تان مات

گال(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ليگ اسپنر ياسر شاهه جي جادوئي بالنگ ذريعي ميزبان سريلنڪا کي گال ٽيسٽ ۾ 10 وڪيٽن تان مات ڏئي ڇڏي،ياسر شاهه جي طوفاني بالنگ سبب سريلنڪا کي ٻي اننگ ۾ 206 رنسن ڍير ٿي وئي ۽ قومي ٽيم کي فتح لاءِ 90 رنسن جو حدف مليو، جيڪو ان بنا ڪا وڪيٽ وڃائڻ جي حاصل ڪري پهرين ٽيسٽ ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي، گال  ٽيسٽ جي اڄ پنجين ۽ آخري ڏينهن سريلنڪا جي ٻي اننگز ۾ پاڪستان جي ليگ اسپنر ياسر شاهه ميزبان ٽيم کي سوڙهو ڪري ڇڏيو ۽ رڳو 76 رنسون ڏئي 7 وڪيٽون وٺي ويو، وهاب رياض به 2 شڪار ڪيا، پهرين اننگز ۾ 300 رنسون اسڪور ڪندڙ سريلنڪا جو ڪوبه بيٽسمين ٻي اننگز ۾ ڄمي نه کيڏي سگهيو ۽ سواءِ ڪرونارتني جي ڪو رانديگر ففٽي به نه هڻي سگهيو، ڪرونا رتني 79 رنسون ٺاهيون،جڏهن ته ٿريماني 44 ۽ چندي مال 38 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. اهڙي ريت سريلنڪا جي سڄي ٽيم ٻي اننگز ۾ 206 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي ۽ پاڪستان کي فتح لاءِ 90 رنسن جو حدف مليو، جنهن پهرين اننگز ۾ 417 رنسون ٺاهيون هيون.90 رنسن جي حدف لاءِ محمد حفيظ ۽ احمد شهزاد ميدان ۾ لٿا ۽ تيز رفتاري سان کيڏندي گهربل اسڪور پورو ڪري ٽيم کي ڪاميابي ڏياري،ٻنهي ترتيبوار 64 ۽ 43 رنسون ٺاهيون ۽ آئوٽ نه ٿيا، ياسر شاهه پهرين اننگز ۾ به 2 وڪيٽون ورتيون هيون، اهڙي ريت ميچ ۾ 9 وڪيٽون وٺڻ ۽ خاص طور تي ٻي اننگز ۾ طوفاني ڪارڪردگي تي کيس مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *