ياسر حسين سان ملڻ کان اڳ تمام گهڻو شرميلي هئس: اقرا عزيز

 

لنڊن: (شوبز نيوز)  ڊرامه سيريل(سنو چندا) مان ڪاميابي حاصل ڪندڙ اداڪاره اقرا عزيز ياسر حسين جي طرفان شادي جي آڇ  ۽ پنهنجي نجي زندگي بابت اهم رازن تان پردو کنيو آهي.لڪس اسٽائل ايوارڊ جي تقريب دوران ياسر حسين اقرا  عزيز کي شادي جي آڇ ڪري سوشل ميڊيا تي هڪ نئين بحث جي شروعات ڪري ڇڏي. ڪجهه ماڻهن کيس سڀني جي سامهون شادي جي آڇ تي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته اقرا ۽ ياسر اهو سڀ ڪجهه ڄاڻي واڻي ميڊيا جي توجه حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪيو آهي.ان حوالي سان بي  بي سي کي انٽرويو ڏيندي اقرا عزيز چيو ته مون کي شادي جي آڇ جي باري ۾ پهريان ڪجهه به خبر نه هئي. ان لاءِ ان جو رد عمل به عام ڇوڪرين  کان مختلف نه هو. اهو سڀ اوچتو ٿيو جنهن سبب آئون حيران ٿي ويس ۽ اهو وساري ويٺس ته اسان جي پاسي ۾ ڪير ويٺو آهي. ڪيترا ڪيمرا اسان کي ڏسي رهيا آهن   پر اهو وقت منهنجي لاءِ اهم هو. اقرا عزيز وڌيڪ چيو ته منهنجي شخصيت ۾ تبديلي  منهنجي گهر وارن جي ڪري به ٿي آهي ۽ گهر وارن به مون کي گهڻو اعتماد ڏنو آهي منهنجي گهر وارا منهنجي ۽ ياسر جي رشتي بابت سڀ ڪجهه ڄاڻندا هئا ايستائين جو منهنجي ماءُ ياسر کي مون کان وڌيڪ پسند ڪندي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *