وڪي ڪوشل ۽ ڪترينا ڪيف جي شادي جون تقريبون شروع: ڀارتي ميڊيا جي دعويٰ

ڪراچي(شوبز نيوز) ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آھي تھ بالي ووڊ باربي ڊول سڏجندڙ ڪترينا ڪيف ۽ اداڪار وڪي ڪوشل جي شادي جون تقريبون شروع ٿي ويون آھن، اڪثر ڀارتي اخبارن، ٽي وي چينلز ۽ شوبز ويب سائٽس موجب ٻنھي جي شادي جون تقريبون گذريل رات 7 ڊسمبر تي راجستان جي ضلعي سوائي مدھوپور جي پرتعيش سڪس سينز ريزورٽ، ۾ ٿيون انڊيا ٽوڊي موجب گذريل رات شادي جون تقريبون سنگيت سان ٿيون ۽ پھرين ئي تقريب ۾ پنجابي طرز جي سنگيت ۾ وڪي ڪوشل جي خاندان جي عورتن پرفارمنس ڪئي، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي تھ اڄ منجھند کان شادي جون وڌيڪ رسمون پنجابي انداز ۾ ادا ڪيون وينديونوڪي ڪوشل جو تعلق ھندو پنجابي خاندان سان آھي، جڏھن تھ ڪترينا ڪيف ڪشميري مسلم خاندان سان تعلق رکي ٿي، پر ان جو خاندان وڌيڪ برطانيا ۾ رھندڙ آھي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *