وڪيٽن جي تيز سينچري جي شروعات،ياسر شاهه رڳو 5 وڪيٽن کان پري

لاهور (اسپورٽس نيوز) ياسر شاهه وٽ تاريخ جوڙڻ جو چمڪندڙ موقعو آهي،پهرين ٽيسٽ ۾ 5 شڪار ڪرڻ تي اسپنر وڪيٽن جي تيز سينچري ڪندڙ پهريون پاڪستاني بڻجي ويندو. ذريعن مطابق ويسٽ انڊيز ۽ پاڪستان جون ٽيمون اڄ پهرين ٽيسٽ ۾ آمهون سامهون ٿينديون. ان ميچ ۾ ياسر شاهه هڪ نئين تاريخ ٺاهي سگهي ٿو.ياسر شاهه پنهنجي بهترين انداز واري بالنگ سان شوقينن جي دلين ۾ گهر ڪري ورتو آهي.سٺي بالنگ تي ڪرڪيٽ تي تبصرو ڪندڙن کيس ايندڙ وقت جو سڀ کان بهترين ليگ سپن بالر قرار ڏين ٿا،پر هن ميچ ۾ جيڪڏهن ياسر شاهه 5 وڪيٽون حاصل ڪري وي ته هو وڪيٽن جي تيز سينچري پوري ڪندڙ پهريون ايشيائي بالربڻجي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *