وڪيل برادري کي قومي اشوز تي قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، حڪومت وڪيلن جي ڀلائي لاءِ قدم کڻي رهي آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد  (اين اين آءِ) سنڌسماءَ جي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان پنجاب بار ڪائونسل جي وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ پنجاب بار ڪائونسل جون پنهنجون چونڊون بائيو ميٽرڪ طريقي سان ڪرائڻ لاءِ حڪومت کان سهولت فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، فواد چوڌري چيو ته حڪومت پنجاب بار ڪائونسل کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ جي سهولت فراهم ڪندي وڪيل برادري کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ بابت ڊاڪٽر بابر اعواڻ، علي ظفر سان گڏ بريفنگ ڏني ويندي هن چيو ته وڪيل برادري جي مسئلن کان آگاهه آهيون حڪومت وڪيلن جي ڀلائي لاءِ قدم کڻي رهي آهي ينگ لائرز کي ڪامياب جواب پروگرام تحت 10 لک رپين تائين جو قرض ڏيڻ تي غور ڪري رهيا آهيون وفاقي وزير چيو ته حڪومت وڪيلن لاءِ هائوسنگ ڪالونيون ٺاهڻ لاءِ به قدم کڻي رهي آهي وڪيلن کي صحت ڪارڊ فراهم ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي وفاقي وزير چيو ته وڪيل برادري کي قومي اشوز تي قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي بار ايسوسيئيشن جي ميمبرن وفاقي وزير کي پنهنجي مسئلن کان آگاهه ڪيو فواد چوڌري بار ايسوسيئيشن جا مسئلا اوليتي بنيادن تي حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي پنجاب بار ايسوسيئيشن جي وفد ۾ وائيس چيئرمين امجد اقبال خان، انٽراپراونشل اينڊ فارن افيئر ڪميٽي جو چيئرمين منير حسين ڀٽي، پنجاب بار ڪائونسل جا ميمبر راجا ظفر اقبال، رانا ضمير احمد، آصف شهزاد چوڌري، نديم طاهر ۽ سيڪشن آفيسر شامل هئا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *