وڏي وزير ڪيڊٽ ڪاليج خيرپور جو سنگِ بنياد رکي ڇڏيو ، 2 هزار بند اسڪول کولرائڻ جو اعلان

خيرپور(ڊ.ر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته صوبائي حڪومت تعليم جي شعبي اندر بهتري آڻي صوبي جي عوام کي معياري تعليم جي فراهمي لاءِ وڌ ۾ وڌ قدم کڻي رهي آهي جڏهن ته استادن کي ميرٽ تي ڀرتي ڪري ٻن سالن جي لاءِ پڙهائڻ جي تربيت پڻ ڏني پئي وڃي. هن اهڙو اظهار خيرپور جي ڳوٺ بگو ميتلو ڀرسان 59 ڪروڙ 30 لک روپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ شهيد بينظير ڀُٽو ڪيڊٽ ڪاليج خيرپور جو پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو . هن چيو ته صوبائي حڪومت پاران تعليم جي شعبي جي ترقي جي سلسلي ۾ تعليم کاتي جي بجيٽ کي وڌائي ماسترن جي پگهارن ۾ پڻ ٻيڻ ۽ ٽيڻ تي اضافو ڪيو ويو آهي جڏهن ته صوبي اندر 11 نيون يونيورسٽيون قائم ڪيون ڪيون ويون آهن. وزير اعلى چيو ته ماضي جي حُڪمرانن پاران تعليم کاتي ڏانهن ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو جنهن جي نتيجي ۾ صوبي جا 7 هزار اسڪول بند پيل هئا ۽ مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ 50 سيڪڙو شاگرد ڪاليج تائين ۽ ڪاليج کان وري يونيورسٽي جي تعليم تائين پهچندڙ شاگردن جو تعداد تمام گهڻو گهٽجي ويندو هو. جڏهن ته موجوده حڪومت پاران تعليم جي شعبي ڏانهن خاص ڌيان ڏيندي صوبي جي عوام کي معياري تعليم جي فراهمي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ورتيون پيون وڃن. 7 هزار بند پيل اسڪولن مان 5 هزار اسڪولن کي ٻيهر کولرايو ويو آهي جڏهن ته باقي ٻه هزار بند پيل اسڪولن کي پڻ جلد کولرايو ويندو. هن چيو ته ماسترن جي ڀرتي جي سلسلي ۾ ٻاهرين اداري کان ٽيسٽ ڪرائي ميرٽ تي ماستر ڀرتي ڪيا ويا ۽ مستقبل ۾ ميرٽ تي ڀرتي ڪيا ويندا ۽ استادن جي تربيتي ادارن کي پڻ ٻيهر فعال ڪيو ويندو جن ۾ استادن جي ٻن سالن جي لاءِ تربيت پڻ ڪئي ويندي. هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو باشعور آهن ۽ کين ماضي ۾ موقعن جي کوٽ ڪري سندن ذهانت منظر عام تي نه اچي سگهي پر موجوده حڪومت پاران صوبي جي هوشيار شاگردن کي پنهنجي ذهانت مڃرائڻ جي لاءِ هر ممڪن موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن ان سلسلي ۾ تازو ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي 11 شاگردن ملڪي سطح جي امتحان جي مقابلي ۾ اي ون گريڊ حاصل ڪري پوزيشنون حاصل ڪيون. هن چيو ته تعمير ٿيندڙ شهيد بنظير ڀُٽو ڪيڊٽ ڪاليج خيرپور هن علائقي جو مثالي ادارو ثابت ٿيندو. هي ادارو پارٽي ڪو چيئرمين آصف علي خان زرداري پاران خيرپور واسين جي لاءِ هڪ بهترين تحفو آهي. جنهن مان نه صرف خيرپور پر علائقي جي مختلف ضلعن جي ماڻهن کي معياري تعيلم جي فراهمي جا موقعا ملندا ۽ علائقي ۾ معاشي ۽ سماجي خوشحالي ايندي. تعمير ٿيندڙ ڪيڊٽ ڪاليج جي بهتر انتظامن جي سلسلي ۾ آرمي جي رٽائرڊ ڪرنل تنوير حيدر کي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي جيڪو مستقبل ۾ هن اداري جو پرنسپال هوندو ۽ آرمي آفيسرن جي نگراني ۾ شاگردن کي پڙهائي جو بهتر ماحول فراهم ٿيندو ۽ کين نظم و ضبط جي سلسلي ۾ پڻ تربيت حاصل ٿيندي. وڏي وزير چيو ته خيرپور جي نارا ، فيض گنج توڙي ٻين تعلقن جي عوام کي خيرپور ۾ قائم ٿيل توڙي قائم ٿيندڙ ادارن مان سهولتون حاصل ٿينديون. تقريب ۾ شهيد بينظير ڀُٽو ڪيڊٽ ڪاليج خيرپور جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڪرنل رٽائرڊ تنوير حيدر پاران تعمير ٿيندڙ ڪيڊٽ ڪاليج جي سلسلي ۾ بريفنگ ڏيندي ٻُڌايو ته 59 ڪروڙ 30 لک روپين جي لاڳت سان تيار ٿيندڙ هن اداري ۾ تعليم جي فراهمي جي لاءِ مختلف جديد سهولتون فراهم ڪيون وينديون جن ۾ هاسٽل، سائينٽفڪ ليبارٽريون، ڪمپيوٽر ليب، توڙي راندين جا گرائونڊ ۽ ٻيو انفرا اسٽرڪچر پڻ تعمير ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته شهيد بينظير ڀُٽو ڪيڊٽ ڪاليج جو ترقياتي ڪم 18 مهينن اندر مڪمل ڪيو ويندو. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه 6 ڪروڙ 50 لک روپين جي جي لاڳت سان لقمان سرڪي موڙ کان روهڙي ڪئنال تائين روڊ جي ترقياتي ڪم جو افتتاح ڪيو جڏهن ته شاهه حُسين باءِ پاس چوڪ وٽ نئين نيشنل هاءِ وي تي 88 ڪروڙ 40 لک روپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ اوور هيڊ برج جو سنگِ بنياد پڻ رکيو 3.9 ڪلوميٽر جي ڊيگهه رکندڙ هن پُل جو ترقياتي ڪم پڻ 18 مهينن اندر مڪمل ڪيو ويندو. ان موقعي تي وڏي وزير سان سندس پوليٽيڪل سيڪريٽري لعل بخش منگي، ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ، ڊي آءِ جي پوليس سکر ڊاڪٽر سائين رکيو ميراڻي، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور منور علي مٺاڻي، ايس ايس پي خيرپور ناصر آفتاب خان ، پي ايس مظهر علي مڱڻهار ورڪس اينڊ سروسز کاتي جا لاڳاپيل عملدار ۽ وڏي انگ ۾ پارٽي عهديدار ساڻس گڏ هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *