وڏي وزير چيف سيڪريٽري کان روينيو رڪارڊ جي ڪپيوٽرائيزيشن جي رپورٽ طلب ڪري ورتي

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، چيف سيڪريٽري سنڌ محمد صديق ميمڻ اربع تي سپريم ڪورٽ ۾ روينيو رڪارڊ جي ڪمپيوٽرائيزيشن بابت ٻڌڻي هيٺ ڪيس بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هو ڪالهه پاڻ سپريم ڪورٽ ۾ موجود هو، جتي روينيو رڪارڊ جي ڪمپيوٽرائيزيشن ڪيس جي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پراجيڪٽ کي 4 سال گذري چڪا آهن پر ان تي ڪم اڃاتائين مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيستائين روينيو بورڊ جو لاڳاپيل ميمبر مسٽر شاهه (ذوالفقار شاهه) ڪمپيوٽرائيزيشن جي ڪم ۾ شامل رهندو ان وقت تائين روينيو رڪارڊ جي ڪمپيوٽرائيزيشن مڪمل نٿي ٿي سگهي، ان تي قائم علي شاهه صديق ميمڻ کي هدايت ڪئي ته هو خود پاڻ بورڊ آف روينيو پاران ٿيندڙ روينيو رڪارڊ جي ڪمپيوٽرائيزيشن جي ڪم جو جائزو وٺي کيس فوري رپورٽ پيش ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *