وڏي وزير پوليس ۽ رينجرز کي ليبر ورڪرن لاءِ ٺاهيل فليٽن تان قبضو ٻن مهينن ۾ خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سنڌ پوليس ۽ رينجرز کي نادرن باءِ پاس جي ڀرسان ليبر ورڪرن لاءِ ٺاهيل هڪ هزار فليٽن تان غير قانوني قبضو ٻن مهينن ۾ خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته اهي غير قانوني قبضا هاڻ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيا ويندا. اهڙا حڪم هن اڄ وزير اعليٰ هائوس ۾ رٿيل اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيا. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ محمد صديق ميمڻ، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (ترقيات) محمد وسيم، پرنسپل سيڪريٽري علم الدين بلو، ناڻي وارو سيڪريٽري سهيل راجپوت، سيڪريٽري ليبر رشيد سولنگي سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي سيڪريٽري ليبر رشيد سولنگي ٻڌايو ته نادرن باءِ پاس ويجهو غريب ورڪرن لاءِ هڪ هزار فليٽ ٺاهيا ويا هئا جنهن ۾ 2010ع واري ٻوڏ سٽيلن کي غير قانوني طور ترسايو ويو هو، هاڻ اهي فليٽ خالي نه پيا ڪن. ان تي سنڌ جي وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي ٻن مهينن اندر سنڌ پوليس ۽ رينجرز جي مدد سان فليٽ خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. هن چيو ته اهي فليٽ ليبر ورڪرن لاءِ ٺاهيا ويا هئا ۽ اهي هاڻ هر صورت ۾ سندن حوالي ڪيا وڃن ڇاڪاڻ ته مان هاڻي وڌيڪ انهن قبضا گروپن کي برداشت نه ڪندس. ليبر واري سيڪريٽري وڌيڪ ٻڌايو ته ورڪرز ويلفيئر بورڊ مختلف ليبر ڪالونين ۾ 7097 فيليٽس ۽ 1898 گهر ٺهرائي ڏنا آهن، انهن مان لانڍي ۾ واقع ليبر ڪالوني ۾ 1128 فليٽ ۽ 850 گهر آهن جڏهن ته سائيٽ ۾ 787 فليٽس ۽ 800 گهر آهن. نارٿ ڪراچي ۾ 154 فليٽ، ڪورنگي ۾ 920 فليٽ ۽ 248 گهر آهن. هن ٻڌايو ته نادرن باءِ پاس ۾ 3008 فليٽ آهن ۽ ان منصوبي تي ڪم هلي رهيو آهي. گلشن معمار ۾ هڪ هزار فليٽ آهن. هن ٻڌايو ته انهن کان علاوه حيدر آباد جي ليبر ڪالوني ۾ 1504 فليٽ، ڪوٽري ۾ 512، نوري آباد ۾ 192، لاڙڪاڻي ۾ 96 ۽ راڻي پور ۾ 100 گهرن جي تعمير تمام جلد مڪمل ڪئي ويندي. سيڪريٽري ليبر بريفنگ ڏيندي وڌيڪ ٻڌايو ته صوبي ۾ 24 ورڪرس ويلفيئر بورڊ جا ماڊل اسڪول آهن جنهن مان 22 فعال آهن. ورڪرس ويلفيئر بورڊ جا ٻه انٽرميڊيٽ ڪاليج به آهن جن ۾ ورڪرن جا 5743 ٻار تعليم پرائي رهيا آهن. ورڪرس ويلفيئر بورڊ طرفان انهن کي يونيفارم، بوٽ ۽ ڪتاب مفت فراهم ڪيا ويندا آهن. ورڪرس ويلفيئر بورڊ اسڪالر شپ بابت بريفنگ ڏيندي سيڪريٽري ٻڌايو ته بورڊ طرفان ورڪرن جي موت تي پنج لک رپين جي امداد ۽ هڪ لک رپيا ڏاج جي مد ۾ ڏنا ويندا آهن. هن ٻڌايو ته ميٽرڪ کان پوءِ 19600، گريجوئيشن لاءِ 32000 ۽ پوسٽ گريجوئيشن لاءِ 42000 سالياني اسڪالرشپ ڏني ويندي آهي. ورڪرس جي ٻارن کي سال 15-2014 دوران ايم بي اي، ايم بي بي ايس، ايم ايس، بي بي اي، بي اي، بي ايس، بي ٽيڪ ۽ ٻين ڊگرين لاءِ ڇهن ملين رپين جون 38 اسڪالرشپس ڏنيون ويون. سيڪريٽري ليبر رشيد سولنگي وڌيڪ ٻڌايو ته 18هين آئيني ترميم تحت سنڌ انڊسٽريل رليشنس ايڪٽ 2013 تحت ايمپلائيز اولڊ ايج انسٽيٽيوٽ ( اي او بي آءِ)، سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي ايڪٽ 2015، ورڪرز ويلفيئر فنڊ 2015 ۽ ٻين قانونن کي صوبائي شڪل ڏئي ضروري ترميمون ڪري اسيمبلي مان پاس ڪرايو ويو آهي. اجلاس دوران وڏي وزير طرفان پڇيل سوال جي جواب ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ٻڌايو ته فيڪٽريز ايڪٽ، شاپ اينڊ اسٽيبلشمينٽ ايڪٽ، اسٽينڊنگ آرڊر آرڊيننس (سنڌ ٽرمس آف ايمپلائيمينٽ ايڪٽ)، ورڪرس ڪمپنسيشن ايڪٽ، پيمنٽ آف ويجز ايڪٽ، ايمپلائيمينٽ آف چلڊرين ايڪٽ، سنڌ منيمم ويج ايڪٽ ۽ ٻين قانونن جا مسودا اسميبليءَ کي موڪليا ويا آهن. ليبر واري سيڪريٽري وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ سرڪار گهٽ ۾ گهٽ اجرت تيرنهن هزار رپيا ماهوار مقرر ڪئي آهي، ان تي وڏي وزير چيو ته مون کي اهڙيون خبرون پهتيون آهن ته ليبر کاتو گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي حڪومتي حڪمن تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اهو اسان جو مزدورن سان واعدو آهي ۽ ان کي هر صورت ۾ عملدرآمد ڪرائڻ گهرجي. سيڪريٽري ليبر رشيد سولنگيءَ سيسي بابت ٻڌايو ته ان جو بنيادي مقصد ورڪرن کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي ۽ هن وقت سيسي سان 29755 فيڪٽريون ۽ 759339 ورڪر رجسٽرڊ آهن، ان کانسواءِ 49902 دڪان ۽ 124338 دڪانن تي ڪم ڪندڙ ورڪر رجسٽرڊ آهن. هن چيو ته صوبي ۾ سيسي وٽ 5 اسپتال ۽ 42 ڊسپينسريون آهن جنهن ۾ 107777 او پي ڊي جڏهن ته 2635 انڊور مريض آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته وليڪا اسپتال تمام پراڻي آهي ۽ ان ۾ تمام سهولتون موجود هيون انڪري اڄ به مان ان کي سمورين ضروري سهولتن سان آراسته ڏسڻ چاهيان ٿو. سيڪريٽري ليبر رشيد سولنگي ٻڌايو ته سيسي جو ساليانو بجيٽ 8 ارب جڏهن ته ترقياتي بجيٽ 5 ارب رپيا آهي ۽ 3 اربن جو سرپلس بجيٽ آهي. انهيءَ تي وڏي وزير چيف سيڪريٽري سنڌ کي حڪم جاري ڪيا ته هو ذاتي طور تي سيسي جي اسپتال جو دورو ڪري ۽ وليڪا اسپتال ۾ ٽراما سينٽر پڻ تعمير ڪرايو وڃي. هن چيو ته ليبر کاتي وٽ سپر هاءِ وي، نيشنل هاءِ وي جي ڀرسان ڌاٻيجي انڊسٽريل اسٽيٽ ۽ سکر، لاڙڪاڻي ۽ ميرپورخاص سميت سمورن صنعتي شهرن ۾ ايمرجنسي سينٽر ۽ بهترين اسپتالون هئڻ گهرجن. سنڌ جي وڏي وزير ليبر کاتي کي سمورن اسٽيڪ هولڊرن جي مشوري سان ترجيحي بنيادن تي ورڪرس پارٽيسپيشن فنڊ وارو مامرو حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، هن وقت هي معاملو عدالتي ڪاروائي هيٺ آهي ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ناظر وٽ ڏهن اربن جو فنڊ به جمع ڪرايو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير ليبر کاتي کي چائيلڊ ليبر خلاف سخت قدم کڻڻ جا واضح حڪم جاري ڪيا ۽ چيو ته هي هڪ وڏو سنگين مامرو آهي ۽ مون کي محسوس ٿي رهيو آهي ته چائلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ ٺوس قدم ناهن کنيا ويا. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو سدائين چائلڊ ليبر خلاف آواز اٿاريندي رهي ۽ اهو سندس خواب هيو جنهن ڪري اسان جي حڪومت چائلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ ڏينهن رات ڪوشان آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *